وفاقي حڪومت بلوچستان جي پٺتي پيل علائقن جي ترقي جي لاءِ هر ممڪن وسيلن جي فراهمي يقيني بڻائيندي: وزيراعظم

image
APP50-021121 ISLAMABAD: November 02 - Chief Minister Balochistan Abdul Qudoos Bizenjo called on Prime Minister Imran Khan. APP

اسلام آباد – 02 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته وفاقي حڪومت بلوچستان جي پٺتي پيل علائقن جي ترقي جي لاءِ هر ممڪن وسيلن جي فراهمي يقيني بڻائيندي، بلوچستان صوبي ۾ سي پيڪ منصوبن کي مقرر مدي ۾ مڪمل ڪيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن بلوچستان جي وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب بلوچستان جي وڏي وزير وزيراعظم کي بلوچستان ۾ ترقياتي منصوبن جي حوالي سان بريفنگ ڏني ۽ سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم چيو ته وفاقي حڪومت بلوچستان جي پٺتي پيل علائقن جي ترقي لاءِ هر ممڪن وسيلن جي فراهمي يقيني بڻائيندي. هن چيو ته بلوچستان صوبي ۾ سي پيڪ منصوبن کي مقرر مدي ۾ مڪمل ڪيو ويندو.

مضمون کا ماخذ : اسٹریٹیجیا لاٹوفاسیل