ايندڙ سال مارچ تائين پنجاب ۾ هر خاندان کي صحت ڪارڊ ميسر هوندو جنهن سان ساليانو 10 لک رپين تائين جو علاج ڪرائي سگهبو: وزيراعظم

image
APP48-131221 LAHORE: December 13 - Prime Minister Imran Khan addressing at the inaugural ceremony of Naya Pakistan Sehat Card. APP

لاهور – 13 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ايندڙ سال مارچ تائين پنجاب ۾ هر خاندان کي صحت ڪارڊ ميسر هوندو جنهن سان ساليانو 10 لک رپين تائين جو علاج ڪرائي سگهبو، پنجاب ۾ هيلٿ انشورنس تي 3 سالن ۾ 440 ارب رپيا خرچ ٿيندا، يونيورسل هيلٿ پروگرام سان سڄي ملڪ جي اسپتان جو ڄار وڇايو ويندو، احساس راشن اسڪيم سان 50 هزار کان گهٽ آمدني واري خاندان کي 50 سيڪڙو رعايت ملندي، 47 ارب رپين سان 62 لک اسڪالرشپس مستحق شاگردن کي ڏنيون وينديون، حڪومت مشڪل وقت ۾ عوام جي لاءِ آساني پيدا ڪرڻ جي پوري ڪوشش ڪري رهي آهي. هو گورنر هائوس لاهور ۾ صحت سهولت پروگرام تحت نئون پاڪستان صحت ڪارڊ جاري ڪرڻ جي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي پنجاب جي گورنر چوڌري محمد سرور، پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، اطلاعات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب، وفاقي وزيرن برگيڊيئر (ر) اعجاز شاهه، شفقت محمود، حماد اظهر، وزيراعظم جي خاص معاون شهباز گل، ڊاڪٽر فيصل سلطان، صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر ياسمين راشد سميت قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. وزيراعظم عمران خان چيو ته غريب خاندان ۾ جڏهن ڪو بيمار ٿئي ٿو ته ان تي ڇا ٿي گذري ۽ جڏهن ڪير پنهنجي پياري جو علاج نه ٿو ڪرائي سگهي ته ان خاندان يت بيوسي جو ڪهڙو عالم هوندو آهي ان جي اسان کي چڱي ريت خبر آهي ۽ اهو ان وقت ٿيو جڏهن منهنجي والده ڪينسر جهڙي بيماري ۾ مبتلا ٿي ۽ وسيلن جي باوجود علاج نه ٿيڻ تي بيوس هئاسين. هن چيو ته ان صورتحال کانپوءِ شوڪت خانم ڪينسر اسپتال ڍاهن جو سوچيو ۽ پوءِ اتي غريب ماڻهن کي علاج کانپوءِ دعائون ڏيندي ڏٺو ۽ پوءِ مون اهو سوچيو ته جيڪڏهن الله موقعو ڏنو ته غريب ماڻهن کي علاج جي سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ هيلٿ انشورنس آندي ويندي. هن ٻڌايو ته جڏهن مون شوڪت خانم اسپتال ٺاهي ته ان جي لاءِ چيف ايگزيڪيوٽو ٻاهران گهرايو جنهن بورڊ جي پهرين ميٽنگ ۾ چيو ته هي اسپتال 5 سيڪڙو کان وڌيڪ ماڻهن جو مفت علاج نه ٿي ڪري سگهي. هن چيو ته دنيا جي ڪا اسپتال 75 سيڪڙو ڪينسر جي مريضن جو مفت علاج نه ٿي ڪري پر شوڪت خانم اسپتال ساليانو 10 ارب رپين سان اهو فرض سرانجام ڏئي رهي آهي. وزيراعظم چيو ته لاهور کانپوءِ پشاور ۽ هاڻي ڪراچي ۾ ڪينسر اسپتال ٺهي رهي آهي اهڙي طرح پاڪستان ۾ اڃا به برڪت ايندي. هن چيو ته جڏهن ڪورونا جي آفت آئي ته مخالف ڌر 3 مهينا لاڪ ڊائون نه لڳائڻ تي برو ڀلو چيو ڪنهن ڪورنا جي مريضن جي فوت ٿيڻ تي ڪيس داخل ڪرائڻ جو چيو، ڪنهن نريندر مودي جي لاڪ ڊائون جي فيصلي جو مثال ڏنو پر اسان ان لاءِ لاڪ ڊائون جو فيصلو نه ڪيو ته ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ رڪشي، ٽيڪسي ڊرائيور جو ڇا ٿيندو. عمران خان چيو ته بدقسمتي سان اسان جي ايليٽ ڪلاس کي عام ماڻهو جو فڪر نه آهي، جڏهن چين ووهان صوبي ۾ لاڪ ڊائون لڳايو ته انهن گهر گهر کاڌو پهچايو، ته هتي جيڪي ماڻهو لاڪ ڊائون جو چوندا هئا انهن کان پڇيو هو ته ڇا اسان ماڻهن کي گهر گهر راشن پهچائي سگهون ٿا اڄ پاڪستان جو دنيا مثال ڏي ٿي ته جيڪي ملڪ ڪورونا دوران بهتر نڪتا جنهن ۾ پاڪستان نمبر ون آهي جنهن ڪمزور طبقي کي به بچايو. وزيراعظم چيو ته حڪومت سيرت النبي ﷺ بابت پوري طرح آگاهي ڏيڻ جي لاءِ رحمت للعالمين اٿارٽي ٺاهي آهي. هن چيو ته جڏهن نبي ﷺ مديني جي رياست جي سربراهي سنڀالي ته مسلمان غريب ترين هو پر انهن فلاحي رياست ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو. هن چيو ته عقل اهو چوي ٿي ته ان وقت فلاحي رياست بڻجي ٿي جڏهن پئسو هجي پر مديني جي رياست ۾ ته پئسو نه هو. هن چيو ته نبي ﷺ اهو ثابت ڪيو ته اڳ ۾ رياست ۾ انسانيت کڻي اچو پوءِ پئسو اچي ٿو، اسان ته 74 سالن کان ان انتظار ۾ رهياسين ته پئسو اچيو ته اهو ڪم ڪريون جنهن جي ڪري پاڪستان اسلامي فلاحي رياست نه بڻجي سگهيو، اسان جو ايمان آهي ته جڏهن الله جي مخلوق جي خدمت ڪريون ٿا ته الله خوش ٿئي ٿو. هن پنجاب ۾ صحت ڪارڊ جاري ڪرڻ تي پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار ۽ پنجاب جي صحت واري وزير ڊاڪٽر ياسمين راشد کي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته پنجاب ۾ هيلٿ انشورنس تي 440 ارب رپيا خرچ ٿيندا ۽ هڪ هيلٿ سسٽم هوندو جنهن سان ڳوٺن جي سطح تي بهتري ايندي ۽ پرائيويٽ شعبو اسپتالون ٺاهيندو جتي غريب پنهنجو علاج ڪرائي سگهندو ۽ سڄي ملڪ ۾ اسپتالن جو ڄار وڇي ويندو. ان موقعي تي پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار پڻ خطاب ڪيو ۽ پنجاب جي صحت واري وزير ڊاڪٽر ياسمين راشد آجياڻي وارو خطاب ڪيو.

مضمون کا ماخذ : اسرار ریلز