ڪورونا کي منهن ڏيڻ ۾ پاڪستان سميت عالمي برادري کي مدد ڏيڻ تي صحت جو عالمي ادارو ساراهه جو مستحق آهي: وزيراعظم

image

اسلام آباد – 06 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڪورونا وائرس جي عالمي وبا کي منهن ڏيڻ ۾ پاڪستان سميت عالمي برادري کي مدد فراهم ڪرڻ تي صحت جي عالمي اداري کي ساراهيو آهي، وزيراعظم پاڪستان ۽ ٻين اسرندڙ ملڪن جي لاءِ ڪوويڊ 19 بابت سفري پابندين جي خاتمي ۽ ڊيٽا تي ٻڌل غيرامتيازي سفري قاعدن کي يقيني بڻائڻ ۾ صحت جي عالمي اداري کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. هن اها ڳالهه ڪالهه صحت جي عالمي اداري جي ڊائريڪٽر جنرل تيدروز اڌانوم سان وڊيو ڪانفرنس دوران چئي.

مضمون کا ماخذ : سکاراب ملکہ