ڪوئيٽا – 16 – آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي ڊپٽي ??سپيڪر قاسم خان سوري چيو آهي ته قومي سڃاڻپ ڪارڊ حاصل ڪرڻ ۽ رجسٽريشن بابت معاملن کي آسان بڻائڻ جي لاءِ نادرا ڊيجيٽلائيزيشن طرف گامزن آهي، بلوچستان ۾ عورتن کي قومي سڃاڻپ ڪارڊ حاصل ڪرڻ جي حو??لي سان مشڪلاتن جو ازالو ڪيو پيو وڃي ۽ عورت اسٽاف تي ٻڌل خصوصي موبائيل ٽيمن سان گڏوگڏ مقامي آفيسن ۾ پڻ عورت اسٽاف جي مقرري کي يقيني بڻايو پيو وڃي. اها ڳالهه هن نادرا ڊبل روڊ آفيس ۾ عورت اسٽاف تي ٻڌل پهرين موبائيل رجسٽريشن وهيڪل جي افتت??ح جي موقعي تي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي نادرا بلوچستان جو ڊائريڪٽر جنرل مير عالم خان، هلال احمر بلوچستان جو چيئرمين عبدالباري بڙيچ، پي ٽي ??ءِ بلوچستان عورت ونگ جي صدر زليخه مندوخيل، پي ٽي ??ءِ بلوچستان جو سيڪريٽري اطلاعات آصف ترين ۽ ٻيا پارٽي ??هديدار ۽ نادرا عملدار پڻ موجود هئا. قومي اسيمبلي جي ڊپٽي ??سپيڪر چيو ته احساس پروگرام سميت تصديق ٿيل ڊيٽا مئنيجمينٽ ۾ نادرا جي خدمتن جو اعتراف عالمي سطح تي ڪيو ويو آهي، نادرا وزيراعظم عمران خان جي ويزن موجب عوام کي جديد سهولتن جي فراهمي جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي.