ميرپورخاص – 11 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته سي پي ايل سي جهڙا ادارا پو??يس ۽ شهرين جي وچ ۾ بهتر رابطن جي لاءِ موثر ڪردار ادا ڪن ٿا، سي پي ايل سي ۾ ڪيترائي گروپس رضاڪاڻي طور تي خدمتون ڏيندا رهيا آهن، هي اهو ادارو آهي جيڪو ڏوهن ۽ ڀنگ لاءِ اغوا جي خاتمي لاءِ ڪردار ادا ڪندو رهيو آهي، منشيات جي لعنت اسان جي معاشري ۾ خطرناڪ حد تائين پکڙجي وئي آهي، جنهن کي ??وڪڻ جي لاءِ به قدم کڻن جي ضرورت آهي. ميرپورخاص ۾ سي پي ايل سي جي افتتاح جي موقعي تي تقريب کي ??طاب ڪندي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته منشيات اسان جي معاشري کي نقصان پهچائي رهي آهي، ٻار نشي جا عادي ٿي وڃن ٿا، معاشري کي ??ڳ ۾ خبر پئجي وڃي ٿي، گهر وارن کي ??عد ۾ خبر پو?? ٿي. صدر چيو ته توهان کي ??ن جي روڪٿام لاءِ ڪوششون ڪرڻيون پو??ديون ته جيئن ان برائي کي پکڙجڻ کان روڪي نوجوانن جي مستقبل کي محفوظ بڻائي سگهجي. هن چيو ته سنڌ جي گورنر کي چوندس ته سکر، نوابشاهه ۽ لاڙڪاڻي ۾ به ادارا ٺاهيا وڃن. هن چيو ته ميرپورخاص ۾ يونيورسٽي قائم ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪيون وينديون. صدر چيو ته مصنوعي ذهانت جي ذريعي لکين ماڻهن مان گهربل شخص جي ڳولا هڪ آسان عمل آهي، اهڙي ٽيڪنالاجي جي استعمال سان تحقيق جو عمل وڌيڪ آسان ٿي ويو آهي. تقريب کي ??طاب ڪندي سنڌ جي گورنر ڊاڪٽر عمران اسماعيل چيو ته سي پي ايل سي شاندار ادارو آهي، جتي عام ماڻهو به پو??يس تائين موثر پهچ حاصل ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته نوجوانن کي ??ه هن اداري ۾ شامل ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن ادارو وڌيڪ اڳتي وڌي سگهي. اسان جي ڪوشش آهي ته پڙهيل لکيل نوجوانن ۽ عورتن کي ??ه ان ۾ شامل ڪيو وڃي. جيستائين مقامي ڪميونٽي کي ??امل نه ڪيو وڃي مسئلا حل نه ٿا ٿي سگهن. تقريب ۾ سي پي ايل سي چيف محمد زبير حبيب پڻ اداري جي اهميت ۽ فائدي تي روشني وڌي.