??سل??م آباد – 23 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت ??اص مددگار ڊاڪٽر فردوس ??اشق اعواڻ چيو آهي ته ڪورونا وائرس جي روڪٿام لاءِ لاڪ ڊائون دوران ايس او پيز جي خلاف ورزي ڪندڙن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته حڪومت رمضان المبارڪ جي مهيني دوران مذهبي سرگرمين لاءِ ايس او پيز تي مڪمل عملدرآمد کي يقيني بنائڻ لاءِ ڪميٽيون جوڙڻ جو جائزو وٺي رهي آهي ۽ مذهبي اسڪالرز، ڪميونٽي ??ڳواڻ ۽ سياسي اڳواڻ انهن ڪميٽين جو حصو هوندا.