اسلام آباد – 12 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي ??ي ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري چيو آهي ته هاڪي قومي راند آهي ۽ موجوده حڪومت هاڪي جي راند کي ماضي وانگر عروج ڏيا??ڻ جي لاءِ ڀرپور سرپرستي ڪندي، انشاءُ الله مستقبل ۾ هاڪي جي راند ۾ بهتري نظر ايندي. هو پاڪس??ان هاڪي فيڊريشن جي هيڊڪوارٽر نيشنل هاڪي اسٽيڊيم ۾ پي ايڇ ايف جي سيڪريٽري آصف با??وه ۽ ٻين عهديدارن سان ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائي رهيو هو. هن جو چوڻ هو ته هاڪي راند پاڪس??ان جي فخر آهي، ماضي ۾ پاڪس??ان ان راند ۾ شاندار ڪاميابيون پنهنجي نالي ڪيون، خوشي ان ڳالهه جي آهي ته هاڪي کي وڃايل مقام پائڻ لاءِ هاڪي فيڊريشن جي آفيشلز ۽ ڪوچز جذبي سان بنا معاوضي جي ڪم ڪري رهيا آهن.