ڪلرسيدان – 10 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مستحق ۽ ڪمزور طبقن کي مالي مدد جي فراهمي حڪومت جي ذميداري آهي، اهو ڪو احسان ??ه آهي، مستحق ماڻهن کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ ۽ ننڍي ڪا??وبار لاءِ مدد ڪنداسين، مستحق ماڻهن تائين انهن جو حق پهچائڻ جي لاءِ شفاف طريقيڪار اختيار ڪيو ويو، غير مستحق ماڻهن کي احساس پروگرام جي فهرست مان ڪڍيو ويو آهي، مفت علاج جي لاءِ ڪمزور طبقن کي هيلٿ ڪا??ڊ جي سهولت ب?? فراهم ڪري رهيا آهيون، نيا پاڪستان ??ائوسنگ اسڪيم تي ڪم جاري آهي، اي?? جي او سان گڏجي مستحق ماڻهن کي ڇت فراهم ڪئي ويندي، احساس ڪفالت پروگرام جي ٻي مرحلي ۾ 70 لک مستحق خاندانن ۾ منصفاڻي ??ريقي سان رقم ورهائي ويندي. هن اهڙن خيان جو اظهار ڪلرسيدان ۾ احساس ڪفالت پروگرام جي ٻي مرحلي جي آغاز جي موقعي تي مستحق ماڻهن سان ڳالهائيندي ڪيو. ان ??وقعي تي وزيراعظم جي سماجي تحفظ ۽ غربت جي خاتمي واري خصوصي صلاحڪار ڊاڪٽر ثانيه نشتر به موجود هئي. وزيراعظم عمران خان چيو ته احساس پروگرام تحت مالي مدد جي معاشري جي انهن ڪمزور ۽ مستحق ماڻهن کي فراهمي حڪومت جو احساس نه پر فرض آهي، جيڪي مشڪلاتن جو شڪار آهن. حڪومت مستحق خاندانن کي هيلٿ ڪا??ڊ به فراهم ڪندي جنهن تحت اهي ڪنهن به اسپتال مان ساڍا ست لک روپين تائين جو علاج ڪرائي سگهندا. وزيراعظم چيو ته احساس ڪفالت پروگرام تحت مستحق ماڻهن کي مالي مدد جي فراهمي جاري رهندي، ان کانسواءِ اخوت اي?? جي او سان گڏجي معاشري جي ڪمزور ترين طبق?? جي لاءِ گهر ٺاهيا پيا وڃن، نيا پاڪستان ??ائوسنگ اسڪيم تي به ڪم جاري آهي ۽ اهو انهن مزدور?? جي لاءِ آهي جيڪي گهر خريد ڪرڻ جي سگهه نٿا رکن.