اسلام آباد – 23 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ سينيٽر شبلي فراز چي?? آهي ته 23 مارچ اسان جي قومي تاريخ جو اهو شاندار ??ينهن آهي جڏهن ننڍي کنڊ جي مسلمانن ڌار وجود ۽ الڳ سڃاڻپ سان اڳتي وڌڻ جي پختي عزم جو اظهار ??يو. انهي ڏينهن الڳ ملڪ حاصل ڪرڻ لاءِ عملي جدوجهد جو باقاعده آغاز ٿيو. پاڪستان جي ڏهاڙي جي مناسبت سان پنهنجي ٽوئيٽ ۾ سينيٽر شبلي فراز چيو ته اڄ ان عهد کي ورجائڻ جو ڏينهن آهي ته اسان پاڪستان کي قاعداعظم جي سنهري اصولن موجب فلاحي رياست بڻائينداسين.