اسلام آباد – 14 جنوري (اي پي پي) و??اق?? ڪابينا 2020ع کي ر??زگار جو سال قرار ڏيندي مختلف ويزارتن ۽ ڊويزنن کي منظور ٿيل هڪ لک 29 هزا?? نوڪرين جي لاءِ ڀرتين جي قانوني عمل کي ايندڙ 60 ڏينهن ۾ مڪمل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، 2017ع جي آدمشماري موجب و??اق?? نوڪرين ۾ فاٽا ۽ گ??گت بلتستان جي چار سيڪڙو کي جدا ڪرڻ، قومي صحت ۽ خدمتن واري وزارت جو نالو تبديل ڪري صحت ۽ آبادي ڪرڻ، پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ترميم ٿيل ايئر سروسز جي معاهدي جڏهن ته ريئر ايڊمرل ذڪاءُ الرحمان کي پاڪستان ميري ٽائيم سيڪيورٽي ايجنسي جو ڊائريڪٽر جنرل، برگيڊيئر ضياءَ عابد باجوه کي هيوي انڊسٽريز ٽيڪسلا ۾ ميمبر پروڊڪشن ۽ سردار عبدالمجيد خان کي و??اق?? محتسب سيڪريٽريٽ ريجنل آفيس ڪراچي ۾ مقرر ڪرڻ جي منظوري پڻ ڏني آهي. وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ٿيندڙ و??اق?? ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ڪابينا کي مختلف وزارتن پاران عوامي ڀلائي جي ڏس ۾ نشاندهي ڪيل نئين قدمن تي عملدرآمد جي ر??ورٽ پيش ڪئي وئي.