اسلام آباد – 20 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسرندڙ ملڪن کي ڪورونا سان گڏوگڏ غربت جو چئلينج به درپيش آهي، ڪ??رونا وائرس سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻ جي ل??ءِ متاثر ملڪن کي گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪرڻي پو??دي، صحت جي نظام جي بهتري ۽ ٻين قدمن جي ل??ءِ مالياتي انتظام جي ضرورت آهي، موجوده صورتحال کي منهن ڏيڻ جي ل??ءِ قرضن ۾ رليف گهربل هوندو، ڪروڙين ماڻهن کي بک کان بچائڻ جي ل??ءِ معيشت کي کولڻ ضروري آهي، انتظاميا سان گ?? رضاڪا فورس به ميدان ۾ لاٿي آهي، متاثر خاندانن جي ل??ءِ احساس ڪيش پروگرام شروع ڪيو آهي، هلندڙ سال اسان جي ملڪ جي ل??ءِ تمام گهڻو مشڪل ثابت ٿي رهيو آهي، اسان تمام مشڪل سڌارن کانپوءِ جاري کاتن ۽ مالي خسارو گهٽ ڪيو، جيستائين ويڪسين نه ٿي اچي ملڪ ۽ قوم جي حيثيت سان ان وائرس سان گڏ رهڻو پو??دو. اهڙن خيالن جو اظهار هن عالمي اقتصادي فورم ۾ ڪوويڊ ايڪشن پليٽ فارم کي وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندي ڪيو.