اسلام آباد – 03 آگسٽ (اي پي پي) سريلنڪا ۾ مقرر پاڪستان جي وقتي هاءِ ڪمشنر تنوير احمد چيو آهي ته ڀارت جي 5 آگس?? جي غيرقانوني قدم والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ مزاحمت جو نئون ٻج ڇٽي ڇڏيو آهي. والاريل ڪشمير ۾ ڀ??رت?? فوجي گهيراءُ جو هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي ڪولمبو ۾ منعقد هڪ تقريب کي خطاب ??ندي هن چيو ته مودي جي قيادت ۾ ڀ??رت?? حڪومت ملڪي آئين جي آرٽيڪل 370 ۽ 35 اي کي ختم ڪري گڏيل قومن جي س??ام??ي ڪائونسل جي قراردادن جي خلاف و??زي ڪئي آهي. وقتي هاءِ ڪمشنر چيو ته ڀ??رت?? حڪومت والاريل ڪشمير ۾ هزارين اضافي فوجين کي مقرر ڪيو آهي، زندگي جي ضرورتن تائين پهچ روڪڻ جي لاءِ پابنديون هنيون، سياسي اڳواڻن کي گرفتار ڪيو، هر قسم جي مواصلات جي بندشن جي نتيجي ۾ سڀ کان وڏو انساني بحران درپيش آهي.