اسلام آباد – 04 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم ڪراچي جي لاءِ وڏي پئڪيج جو اعلان ??ندو، چاهيون ٿا ته سنڌ ۾ جيڪي فنڊز استعمال ٿين انهن ۾ شفافيت هجي، مخالف ڌر ملڪ کي ٻوڙي ڇڏيو، مني لانڊرنگ روڪڻ جي لاءِ قانونسازي بڻائي ر??يا آهيون، جمهوريت جو مقصد احتساب هجڻ گهرجي،. هو نجي ٽي وي چئنل سان ??الهائيندي هن چيو ته وفاق سنڌ لاءِ ڪم ڪرڻ وڃي ر??يو آهي، وزيراعظم عمران خان پنهنجي ڪراچي جي دوري دوران ??راچي پلان جي وڏي پئڪيج جو اعلان ??ندو، هن چيو ته بلاول چوي ٿو ته سنڌ ۾ 1800 ارب روپيا لڳايا پر ڪٿي نظر نه اچي ر??يا آهن، هن چيو ته وفاق سنڌ ۾ ڪم ڪرڻ وڃي ر??يو آهي، عوام جو پئسو لڳائڻ وڃي ر??يا آهيون جنهن ۾ شفافيت هوندي، هڪ سوال تي وفاقي وزير چيو ته اسان صوبائي خودمختياري جي حمايت ڪريون ٿا، 18 هين ترميم جي ڪري مداخلت نٿا ڪري سگهون، مدد ڪري سگهون ٿا.