اسلام آباد – 17 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان گلگت بلتستان جي چ??نڊ?? ۾ ڌانڌلي جي الزامن کي رد ڪندي چيو آهي ته سي??سي پارٽين ۾ شڪست تسليم ڪرڻ جو جذبو هجڻ گهرجي، پاڪستان تحريڪ انصاف تي اعتماد جو اظهار ڪرڻ تي گلگت بلتستان جي عوام جا ٿورائتا آهيون، وفاقي حڪومت ان علائقي جي عوام جو احساس محرومي ختم ڪرڻ لاءِ گلگت بلتستان کي صوبي جو درجو ڏيڻ جو واعدو پورو ڪندي، چونڊ عمل کي منصفاڻو ۽ شفاف بڻائڻ لاءِ عام چ??نڊ?? ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ جو نظام متعارف ڪرايو ويندو، سينيٽ جي چ??نڊ?? ۾ ڳجهي بيلٽ پيپر بدران هٿ مٿي کڻي ووٽ وجهڻ لاءِ پارليامينٽ ۾ ترميمي بل پيش ڪنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن چونڊ سڌارا ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو، وزيراعظم چيو ته سينٽ چ??نڊ?? جي حوالي سان بل پيش ڪرڻ جو مقصد سينيٽ جي ايندڙ چ??نڊ?? ۾ ووٽن جي خريد ۽ وڪري جي حوصلا شڪني ڪرڻ آهي، هن چيو ته آئيني ترميم لاءِ ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت جي ضرورت هوندي، ان مان خبر پوندي ته ڪهڙي سي??سي پارٽي ان عمل جي حمايت ڪندي ۽ بدعنواني جي روڪٿام جي مخالفت ڪندي، وزيراعظم چيو ته اهو موجوده حڪومت جو پهريون اهم قدم آهي، پاڪستان تحريڪ انصاف 2018ع جي چ??نڊ?? ۾ پنهنجا ووٽ وڪرو ڪرڻ تي صوبائي اسيمبلي جي 12 مميبرن کي پارٽي مان ڪڍي ڇڏيو هو، اليڪٽرانڪ ووٽنگ بابت هن چيو ته نادرا پاران فراهم ڪيل انگن اکرن جي بنياد تي نظام جوڙڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن سان مشاورت جاري آهي، هن چيو ته شفافيت کي يقيني بڻائڻ سان گڏوگڏ ڪمپيوٽر??ئي??ڊ نظام سان ٻاهرين ملڪ رهندڙ 90 لک پاڪستانين کي به آن لائين ووٽ وجهڻ ۾ آساني ٿيندي.