اسلام آباد – 20 – ڊسمبر (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن د??را?? ڪورونا وائرس ??بب پنجاب ۾سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪار?? ڪيون ويون، ان کانپوءِ وڌيڪ فوتگيون سنڌ ۾ ٿيون، سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن د??را?? ڪورونا وائرس ??بب 80 فوتگيون ٿيون جنهن مان 44 فوتگيون وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر طرفان جار?? ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن د??را?? ڪورونا جا 2615 نوان مثبت ڪيس سامهون آيا آهن ۽ 80 ماڻهو ان وائرس ??بب فوت ٿيا جنهن مان 68 ماڻهو اسپتالن ۾ جڏهن ته 12 ماڻهو گهرن ۾ قرنطينه د??را?? فوت ٿيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 46 سيڪڙو، اسلام آباد ۾ 44 سيڪڙو، لاهور ۾ 33 سيڪڙو ۽ پشاور ۾ 26 سيڪڙو مريض آهن، اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولتن وارن بسترن تي راولپنڊي ۾ 40 سيڪڙو، ملتان ۾ 38 سيڪڙو، پشاور ۾ 58 سيڪڙو ۽ ايبٽ آباد ۾ 41 سيڪڙو مريض آهن، گذريل 24 ڪلاڪن د??را?? ڪووڊ – 19 جا 37 هزار 206 ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن مان سنڌ ۾ 10 هزار 372، پنجاب ۾ 14 هزار 622، خيبرپختونخوا ۾ 5 هزار 488، اسلام آباد ۾ 5 هزار 403، بلوچستان ۾ 428، گلگت بلتستان ۾ 412، آزاد ڪشمير ۾ 481 ٽيسٽ شامل آهن، هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو تعداد 4 لک 7 هزار 405 ٿي چڪو آهي.