اسلام آباد – 20 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي نوجوانن جي معاملن واري خاص مددگار عثما?? ڊار چي?? آهي ته پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (??ي ڊي ايم) جو اتحاد ضمني چونڊن ۾ ڇڙوڇڙ ٿي ويندو. نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي هن چي?? ته ??ي ڊي ايم جون پارٽيون استعيفائن جي معاملي تي هڪ صفحي تي نه آهن. هن چي?? ته پاڪستان پيپلزپارٽي پهرين پارٽي هوندي جيڪا ان اتحاد کان ڌار ٿيندي. هن وڌيڪ چي?? ته پيپلزپارٽي سنڌ اليڪشن ڪميشن کي خط لکيو آهي ته سنڌ ۾ ضمني چونڊون ڪرائي جنهن مان ثا??ت ٿئي ٿو ته پيپلزپارٽي اسيمبلي تان استعيفائن جي باري ۾ سنجيده نه آهي. عثما?? ڊار وڌيڪ چي?? ته پيپلزپارٽي کانسواءِ مسلم ليگ (ن) شهباز شريف گروپ به اسيمبلين تان استعيفائون ڏيڻ لاءِ تيار نه آهي.