اسلام آباد – 30 – ڊسمبر (اي ??ي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان جي انگيج آفريقا پاليسي جو مقصد آفريق?? ملڪن سان سفارتي لاڳاپن ۽ اقتصادي ر??بطن کي فروغ ڏيڻ آهي، پاڪستان جلد ئي جبوتي ۾ پنهنجو ريزيڊنٽ سفارتي مشن قائم ڪندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن جمهوريه جبوتي جي قومي اسيمبلي جي صدر محمد علي حامد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن پارلياماني وفد سان گڏ ساڻس ملاقات ڪئي. ان موقعي تي سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي پڻ موجود هو. وزيراعظم جبوتي جي وفد جي گرمجوشي سان آجيان ڪئي ۽ چيو ته ٻنه?? ملڪن جا لاڳاپا گڏيل مذهب ۽ قدرن تي ٻڌل آهن ۽ ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن ۾ مڪم?? هم آهنگي آهي.