اسلام آباد – 27 – مئي (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي سان متحده عرب ا??ارات جي سفير حماد عبيد ابراهيم پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن سميت خطي جي مجموعي صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراني چيو ته پاڪستان متحده عرب ا??ارات سان پنهنجي ويجهي ۽ ڀائراڻي ??اڳاپن ۽ تعاون کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ??سي ٿو ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڀائراڻا لاڳاپا اڌ صدي تي ٻڌل آهن جيڪي قابل فخر آهن، سينيٽ چيئرمين چيو ته متحده عرب ا??ارات ۽ پاڪستان جي وچ ۾ تاريخي، سماجي، ثقافتي ۽ گهڻ رخا لاڳاپا آهن ۽ پارلياماني وفدن جي مٽاسٽا سان موجوده ڀائراڻي ??اڳاپن کي وڌيڪ سگهه ملندي.