ڪراچي – 17 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي صدارت ۾ پيئڻ جي صاف پا??ي جي معاملن تي گورنر هائوس ۾ اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ڪيو ويو. گورنر هائوس ما?? جاري ڪيل پريس رليز موجب اجلاس ۾ ڪي فور ۽ ٽي پي فور پراجيڪٽس بابت تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل، ايم پي اي حليم عادل شِخ، ايم پي اي فردوس شميم نقوي ۽ حبڪو جي ما??رن جي 5 رڪني ٽيم اجلاس ۾ شريڪ ??ي، صدر ڪراچي ۾ پا??ي جي کوٽ تي پنهنجي خدشن جو اظهار ڪيو ۽ پا??ي جي کوٽ ختم ڪرڻ لاءِ ڊي سيلينيشن پلانٽ لڳائڻ جهڙا امڪان ڳولڻ جي هدايت ڪئي، ان ڏس ۾ پا??ي جي پائيدار حل لاءِ ما??رن تي ٻڌل هڪ ٽيم به جوڙي وئي جنهن جي رپورٽ ۽ عملي سفارشن تي عملد??آم?? جون به هدايتون ڏنيون، هن وڌيڪ چيو ته چونڊيل نمائندا هجڻ جي ناطي اسان جي ذميداري آهي ته عوام کي وڌ کان وڌ سهولتون فراهم ڪريون، ما??رن جي ٽيم پا??ي جي دستياب وسيلن، جاري منصوبن ۽ مستقبل جي اسڪيمن جي حوالي سان به آگاهي فراهم ڪئي.