اسلام آباد – 08 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير ??وڌري فواد حسين ڪوئيٽا بم ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگرد بلوچس??ان ۾ امن امان جي صورتحال خراب ڪرڻ چاهين ٿا، اهڙين بزدلاڻي ڪاررواين سان اسان جا حوصلا ڪمزور نه ٿيندا. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته ملڪ خاص طور تي بلوچس??ان جي امن کي نقصان پهچائڻ جي هر ڪوشش ناڪام ٿيندي. هن چيو ته سيڪيورٽي ادارن امن امان جي بحالي لاءِ ??ڻٿڪ قربانيون ڏنيون آهن، انهن جون قربانيون ڪڏهن به رائيگان نه وينديون. اطلاعات واري وفاقي وزير ??يو ته پوري قوم دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پنهنجي فورسز سان گڏ بيٺل آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير ??ماڪي ۾ شهيد ٿيندڙ پوليس اهلڪارن جي پونئيرن سان همدردي جو اظهار ڪيو ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ ????ا ڪئي.