اسلام آباد -22 آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان افغانستان ۾ ڊگهي ا??ن جي قيام لاءِ اجتماعيت رکندڙ سياسي تصفيي جو حامي آهي، ڪابل ۾ جاري ڳاله??ن جي ڪاميابي، افغانستان ۾ ڊگهي ا??ن لاءِ ناگزير آهي، افغانستان جي نئين سر تعمير ۽ افغان??ن جي معاشي معاونت لاءِ عالمي برادري کي اڳتي وڌي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. اهڙو اظهار هن يورپي يون??ن جي پرڏيهي معاملن بابت سربراهه جوزف ??وريل سان ٽيليفون تي ڳالهائيندي ڪيو. ڳالهه ٻولهه دوران افغانستان جي بدلجندڙ صورتحال ۽ علائقائي ا??ن امان جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير يورپي يون??ن جي پرڏيهي معاملن جي سربراهه کي ٻڌايو ته ان جي جرمني، هالينڊ، بيلجيئم ۽ ڊنمارڪ جي پرڏيهي وزيرن سان افعانستان جي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ ان کي خوشي آهي ته افغانستان جي حوالي سان اسان جي نقطئه نظر ۾ هم آهنگي آهي. پرڏيهي وزير چيو ته اسان چاهيون ٿا ته افغان شهر??ن جي جان ۽ مال ۽ انهن جي حقن جي تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي. موجوده قيادت طرفان منظر عام تي ا??ندڙ تازه بيان حوصله افزا آهن. هن چيو ته ڪابل ۾ جاري ڳاله??ن جي ڪاميابي ا??عانستان ۾ ڊگهي ا??ن لاءِ ناگزير آهي. افغانستان ۾ امن جو قيام نه صرف پاڪستان پر سڄي خطي جي ا??ن ۽ استحڪام لاءِ انتهائي ا??ميت رکي ٿو ۽ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته 90ع جي ڏهاڪي جي صورتحال کان بچڻ لاءِ افغانستان کي اڪيلو نه ڇڏيو وڃي. هن نازڪ موڙ تي ا??غانستان جي نئين سر تعمير ۽ افعان??ن جي معاشي معاونت لاءِ عالمي برادري کي اڳتي وڌي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن چيو ته پاڪستان افغانستان مان مختلف ملڪن جي سفارتي عملي، عالمي ادارن جي ڪارڪنن ۽ ميڊيا نمائندن جي نيڪالي م ڀرپور معاونت فراهم ڪري رهيو آهي، ان سلسلي ۾ يورپي يونين کي به هر ممڪن مد?? فراهم ڪئي ويندي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان يورپي يونين سان لاڳاپن کي خاص اهميت ڏئي ٿو ۽ يورپي يونين سان ڪثير الجهتي لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي وٺائڻ لاءِ پرعزم آهي.