اسلام آباد – 15 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مع??شري جي مع??شي طور تي غريب ۽ ڪمزور طبقن جي زند??ي جي معيار کي بلند ڪرڻ سندس اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. وزيراعظم اها ڳالهه ٽوئيٽر تي جاري پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چئي آهي. وزيراعظم پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ڪٻاڙ گڏ ڪندڙ هڪ سائيڪل سوار ٻار جي تصوير پڻ شيئر ڪئي آهي جنهن جي سائيڪل تي قومي جهنڊو ڦڙڪي رهيو آهي. وزيراعظم چيو ته انشاءَ الله هي اهي پاڪستاني آهن جن جي زند??ي جو معيار بلند ڪرڻ سندس اولين ترجيح آهي. وزيراعظم چيو ته اهڙي طرح جي پاڪستانين کي هيستا??ين اسان جي رياست نظرانداز ڪيو آهي.