اسلام آباد – 11 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته قائداعظم مسلمانن جي لاءِ ٻه قومي نظريي جي بنياد تي جدوجهد ڪئي، باباءِ قوم جي قيادت ۾ پاڪستان خودمختي??ر رياست بڻجي اڀريو، ان تي پوري قوم قائداعظم محمد ع??ي جناح کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي، محمد ع??ي جناح جي شخصيت هڪ اعليٰ ۽ مثالي ڪرد??ر رکندڙ هئي، هن جمهوري ۽ انصاف تي ٻڌل اصول?? کي اختيار ڪيو. قائداعظم محمد ع??ي جناح جي ورسيءَ تي پنهنجي پيغام ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته قائداعظم وڪالت ۽ سياست ۾ رهي پنهنجي دام?? کي صاف سٿرو رکيو، هو مسلمانن جي نئين سر ذهني تعمير ۾ روشني جو مينار بڻيل رهيو، هن پنهنجي سياسي زندگي جي شروعات اعليٰ معيار ۽ ديانت سان ڪئي، پنهنجي لاءِ هڪ اهڙي حڪمت عم??ي جوڙي جيڪا سدائين ٺوس ۽ مڪمل رهي. هن چيو ته باباءِ قوم جي لاڏاڻي جو ڏهاڙو اسا?? کي هڪ اهڙي عظيم ترين قائد جي ياد ڏياري ٿو جنهن ننڍي کنڊ جي خوفزده ۽ مايوس مسلمان?? کي هڪ نصب العين ڏنو هو، هن منزل حاصل ڪرڻ جي لاءِ هڪ بي مثال قيادت فراهم ڪئي.