اسلام آباد -11 سيپٽمبر (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد ??يو آهي ته ٻن افغان ش??ري عورتن جي ميتن کي ڀارت مان واگهه بارڊر ذريعي پاڪستان آڻڻ جي اجازت ڏني وئي آهي. ميتن سميت 5 وارث واگها بارڊر ذريعي پاڪستان پهچندا. پنهنجي هڪ بيان ۾ شيخ رشيد احمد ??يو ته ميتن کي واگها کان طورخم بارڊر ذريعي افغانستان موڪليو ويندو. افغان ش??رين جي ميتن کي افغانستان تدفين لاءِ انساني همدردي جي بنيادن تي اجازت ڏني وئي آهي. هن چيو ته پاڪستان انساني همدردي جي بنياد تي افغان ش??رين ۽ ٻين پرڏيهين جي امداد جاري رکندو.