اسلام آباد – 24 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان اسلامي فلاحي رياست بڻجڻ جي سفر تي گامزن آهي، حڪومت معاشري جي ڪمزور طبقن ۽ عام ماڻهن جي ڀلائي لاءِ پروگرام متعارف ڪرايا آهن، اسان چوري ڪندڙن جي احتساب جي ڳالهه ڪريون ٿا، ان لاءِ مخالف اسان جي خلاف گوڙ ڪري رهيا آهن، اسان کي آزاد عدليه ۽ ميڊيا مان ڪو به مسئلو نه آهي، ماضي ڪنهن به حڪومت ميڊيا کي تنقيد جي ايتري آزادي نه ڏني جيتري اسان ڏني آهي، پروپيگنڊا وسيلي وزيراعظم جي توهين ڪئي وئي ۽ الزام لڳايا ويا، ميڊيا ۾ 70 سيڪڙو پروگرام ۽ خبرون اسان جي خلاف آهن، نوج??ان ن??ان آئيڊيا آڻين، حڪومت پوري طرح حمايت ڪندي، اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه ڊجيٽل ميڊيا ڊولپمينٽ پروگرام تحت نوجوانن لاءِ ڊجيٽل ميڊيا انٽرنشپ جي آغاز جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو، ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات جو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين به موجود هو، وزيراعظم چ??و ته هن پروگرام جو آغاز خوش آئنده آهي، نوج??ان اسان جي ??لڪ جو مستقبل آهن، وزيراعظم چ??و ته نوجوانن پاڻ کي گهٽ نه سمجهن، مون ڪرڪيٽ ۾ گهڻيو?? مشڪلاتون ڏٺيون پر ڪڏهن به هار نه مڃي ۽ ڪوششون جاري رکيون. هن چ??و ته الله تعاليٰ انسان کي اشرف المخلوقات بڻايو آهي، وڏا خواب ڏسندڙ ۽ ان لاءِ محنت ڪندڙ ئي وڏا انسان ٿين ٿا، ۽ اهي مشڪلاتن کان ناهن گهٻرائيندا، وزيراعظم چ??و ته دنيا ڊجيٽل طرف وڃي پئي ۽ ايندڙ دور ڊجيٽل جو آهي، نوج??ان پنهنجين صلاحيتن جو استعمال ڪندي وڏن هدفن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪندا رهن ۽ پنهنجي سوچ بلند رکن، هن چ??و ته دنيا ۾ ٻن قسمن جا ماڻهو رهن ٿا هڪڙا اهي جيڪي پاڻ لاءِ سوچين ٿا ٻيا اهي جيڪي ٻين لاءِ سوچيندا آهن. وزيراعظم چ??و ته انٽرنشپ حاصل ڪندڙ پاڪستان جي ??يزن ۽ مقصد کي اڳيان وڌائن، پاڪستان بڻائڻ جو مقصد هڪ اهڙو ملڪ بڻائڻ هو جيڪو مثالي ۽ سلامي رياست ٺهي، اسلامي رياست خوددار هوندي آهي جيڪا ڪنهن جي به آڏو ناهي جهڪندي، اسان کي هڪ خوددار قوم بڻجڻو آهي، اسلامي رياست جي ??ي خاصيت انسانيت جو احساس هوندي آهي ۽ اسان ان جي ??اءِ ئي احساس پروگرام شروع ڪيو. خيبرپختونخوا ۾ هر خاندان کي اسان صحت انشورنس فراهم ڪئي آهي. بي گهرن لاءِ پناهگاهون قائم ڪيون آهن، هن چ??و ته ماڻهن جي ڀلائي جو ڪم پاڪستان ٺهڻ سان ئي شروع وڃڻ گهرجي ??ا، هن چ??و ته ڪو به معاشرو انصاف کانسواءِ ترقي نٿو ڪري سگهي. اسلامي رياست ۾ قانون جي حڪمراني هوندي آهي جتي قانون جي حڪمراني نه هجي ته اها بنانا ريپلڪ هوندي آهي، وزيراعظم چ??و ته اسان جي حڪومت ۾ ميرٽ جو نظام آهي ۽ سرڪاري عهدا ڪنهن خاندان جي ??اڻهن لاءِ نه آهن، اسان طاقتور کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جي ڳالهه ڪريون ٿا ته مخالف شور مچائڻ شروع ڪن ٿا، ڇو ته اسان چوري ڪندڙن جي احتساب جي ڳالهه ڪريون ٿا، وزيراعظم چ??و ته پهرين صرف ڪمزورن کي جهليو ويندو هو ۽ طاقتورن جي خلاف ڪير به ڪارروائي نه ڪندو هو. مخالفين اين آر او گهرن ٿا ۽ چاهين ٿا ته انهن کي نه جهليو وڃي، وزيراعظم نوجوانن تي زور ڏنو ته هو سچ تي قائم رهن ۽ حقيقتون بيان ڪن ڇو ته ڪوڙ ڳالهائيندڙ جي ڪا به عزت ناهي هوندي، وزيراعظم چ??و ته صحافت ۾ ساک جي ??ڏي اهميت هوندي آهي، ڪوڙيون خبرون ڏيندڙن جي عزت نٿي رهي، تنقيد سدائين سچ جي بنياد تي هجڻ گهرجي، اسان کي آزاد عدليه ۽ ميِڊيا مان ڪو به مسئلو نه آهي ڇو ته اسان جي حۡڪومت نه قانون ٽوڙي ٿي نه ئي ڪرپشن ڪري ٿي، وزيراعظم چ??و ته هو چئلينج ڪري ٿو ته ميڊيا کي جيتري آزادي هن وقت آهي اها ماضي ۾ ڪڏهن به ناهي ملي، ٽن سالن ۾ 70 سيڪڙو پروگرام ۽ خبرون اسان جي خلاف هلايون ويون، جيترا بهتان ۽ الزام منهنجي ??ٿان ۽ منهنجي ??زيرن جي ??ٿان هنيا ويا دنيا ۾ ڪنهن به جمهوري ملڪ ۾ ائين نٿو ٿئي، هن ان سلسلي ۾ آزاد ڪشمير جي ??زيراعظم جي ??امزدگي بابت ٽن اخبان ۾ پهرين صفحي تي شايع ٿيندڙ خبرن جو حوالو ڏيندي چ??و ته جيڪڏهن انگلينڊ ۾ ڪا به اخبار اهڙي طرح جي خبر ڏئي ها ته ان جي خلاف ملين ڊالر جو کٽي شوڪت خانم جو عطيو ڪريان ها، پروپيگنڊا وسيلي وزيراعظم جي توهين ڪئي وئي. وزيراعظم چ??و ته رياست ميڊيا کي ماضي ۾ پروپيگنڊا لاءِ استعمال ڪيو ۽ حڪمران ميڊيا کي رشوت وسيلي ڪنٽرول ڪندا هئا، هن نوجوانن تي زور ڏنو ته هو سچ کي پروموٽ ڪن ۽ رياست جي ??قصد ۽ ويزن کي اڳيان وڌائن، هن چ??و ته ڊجيٽل ميڊيا ۾ نوجوانن لاءِ وڏا موقعا موجود آهن هو نون آئيڊياز سان اڳيان اچن، حڪومت انهن جي سپورٽ ڪندي، واضح رهي ته ڊجيٽل ميڊيا ڊولپمينٽ پروگرام وزيراعظم جي ان ويزن جو حصو آهي جنهن تحت نوجوانن کي جديد هنر سان ليس ڪرڻ آهي، ان پروگرام تحت اهل نوج??ان ٽن مهينن تي ٻڌل مشهور سوشل ميڊيا ڪمپنين، فيس بڪ، گوگل، يوٽيوب ۽ ٽيوٽ جي ??اهرن کان ٽريننگ حاصل ڪندا. جنهن کانپوءِ کين سرٽيفڪيٽ ڏنا ويندا، گڏيل قومن جو ترقياتي پروگرام يو اين ڊي پي انهن نوجوانن کي انٽرنشپ دوران معاوضو به ادا ڪندو.