اسلام آباد – پهرين نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان لاڳاپيل عملدارن کي هدا??ت ڪئي آهي ته معاشري جي پٺتي پيل طبقن کي معياري رهائش جي سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ سمورا ضروري قدم ک??يا وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پناهگاه?? ۽ ??حساس ڪارڊز بابت اجلاس جي صد??رت ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته اسان پناهگاهه کي هڪ مثالي سماجي ڀلائي جي منصوبي ۾ تبديل ڪري رهيا آهيون، جتي غريب کي سموريون شهري سهولتون ملي سگهن، پناهگاهن ۾ خاص طور تي سرديءَ جي موسم دوران زندگي جي معيار کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ خصوصي انتظاميا ڪيا پيا وڃن. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدا??ت ڪئي ته معاشري جي تي پٺتي پيل طبقن کي معياري رهائش جون سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ سمورا ضروري قدم ک??يا وڃن. هن پناهگاهن ۾ مناسب حفظان صحت جي معيار ۽ صفائي جي بهتر سهولتن کي برقرار رکڻ جي پڻ هدا??ت ڪئي.