اسلام آباد – 13 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ڪرتار پور لنگهه 75 سالن کان وڇڙي?? ٻن ڀائرن کي ملائي ڇڏيو، اڄ اهو لنگهه امن، سلامتي، محبت ۽ عقيدت جو نشان آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته جڏهن عمران خان ڪرتار پور جو افتتاح ڪيو هو ته هن ان راهداري کي امن جي راهداري قرار ڏنو هو ۽ اڄ اهو لنگهه ان تلخي?? ڀري سرحد تي امن، سلامتي، محبت ۽ عقيدت جو نشان آهي.