اسلام آباد – 16 – اپريل (اي پي پي) سعودي عرب جي ولي عهد نائب وزيراعظم ۽ دفاع واري وزير شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز السعود وزيراعظم شهباز ش??يف کي ٽيليفون ڪئي ۽ کيس وزيراعظم جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم مبارڪباد تي ولي عهد جا ٿورا مڃيا ۽ ٻنهي ڀائر اسلامي مل??ن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ سعودي عرب سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز ش??يف خادم الحرمين شريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي مثالي قيادت ۾ سعودي عرب جي بي مثال ترقي تي ان کي خراج تحسين پيش ڪيو. گذريل 7 ڏهاڪن دوران ٻنهي مل??ن جي ڀائراڻن ۽ تاريخي رابطن ۽ اسٽريٽجڪ حصيداري جو ذڪر ڪندي وزيراعظم محمد شهباز ش??يف انهن لاڳاپن کي نئين بلندين تائين وٺي وڃڻ جي لاءِ پن??نجي حڪومت ۽ پن??نجي عزم کي ورجايو. وزيراعظم محمد شهباز ش??يف ٻطرفن ۽ عالمي فورم?? تي سعودي عرب جي تاريخي ۽ مسلسل حمايت ۽ تعاو?? تي ٿورا مڃيا ۽ سعودي ولي عهد کي يقين ڏياريو ته پاڪستان هر قسم جي حالتن ۾ سعودي عرب سان گڏ بيٺل هوندو. وزيراعظم محمد شهباز ش??يف ۽ سعودي ولي عهد سمورن شعبن خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري ۽ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ ۾ پن??نجي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ وڌائڻ ۽ سگهه ڏيڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. سعودي ولي عهد وزيراعظم محمد شهباز ش??يف کي سعودي عرب جي دوري جي دعوت ڏني. وزيراعظم محمد شهباز ش??يف پڻ ولي عهد لي پاڪستان جي سرڪاري دوري جي دعوت ڏني.