اسلام آباد – 01 – جون (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري ممل??تي وزير حنا رباني کر هدايت ڪئي آهي ته چمن وانگر طور خم بارڊر تي به انٽيگريٽڊ بارڊر مينيجمينٽ سسٽم فوري طور تي لڳايو وڃي ۽ سفري دستاويزن جي تصديق فوري ۽ آسان بڻائي وڃي، ٻا??ري?? ملڪ رهندڙ پا??ست??نين لاءِ به وڌيڪ آسانيون پيدا ڪيون وڃن. هو نادرا چيئرمين طارق ملڪ سان ڳالهائي رهي هئي، جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. نادرا پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ نادرا چيئرمين ممل??تي وزير کي ٻا??ري?? ملڪ رهندڙ پا??ست??نين کي نادرا پاران فراهم ڪيل مختلف ڊجيٽل آن لائين سهولتن جي حوالي سان آگاهه ڪيو، هن چمن بارڊر تي مقرر انٽيگريٽڊ بارڊر مينيجمينٽ سسٽم جي باري ۾ ممل??تي وزير کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته نادرا سمورن اسٽيڪ هولڊرز سميت پا??ست??ن آرمي جي تعاون سان اهو سسٽم تيار ڪيو آهي، چمن بارڊر تي اهو سسٽم ٽرمينلز تي لڳايو ويو آهي جيڪو 20 هزار کان وڌيڪ واپارين، مريضن، زائرين ۽ بارڊر جي ٻنهي طرف رهندڙ ٻنهي ملڪن جي ش??ري?? جي اچ وڃ م بنا رڪاوٽ جي آساني پيدا ڪندو آهي، ممل??تي وزير حنا رباني کر من بارڊر تي لڳايل نادرا جي تيار ڪيل بارڊر مينيجمينٽ سسٽم جي آپريشنز کي ساراهيو. هن چيو ته نادرا جو اهو قدم واکاڻ جوڳو آهي ان سان ٻنهي پاڙيسري ملڪن جي ش??ري?? ج?? سرحد پار چرپر ۾ وڌيڪ آساني پيدا ٿيندي. ممل??تي وزير نادرا چيئرمين کي هدايت ڪئي ته چمن بارڊر وانگر طورخم بارڊر تي به مقرر انٽيگريٽڊ بارڊر مينيجمينٽ سسٽم فوري لڳايو وڃي ته جيئن اتي به ٻنهي ملڪن جي ش??ري?? کي انهن جي اچ وڃ ۽ سفري دستاويزن جي فوري تصديق ۾ آساني پيدا ڪري سگهجي. طارق ملڪ سمنڊ پار پا??ست??نين لاءِ پاور ڊجيٽل آف اٽارني آن لائن سروس جي باري ۾ به ممل??تي وزير کي بريفنگ ڏني. هن ٻڌايو ته نادرا نئون جديد آن لائن نظام تيار ڪيو آهي جنهن جي ڪري هاڻي سمنڊ پار پا??ست??ني پاور آف اٽارني آن لائن گهر ويٺي حاصل ڪري سگهندا، اهو نظام آزما??شي مرحلي ۾ آمريڪا ۽ برطانيه ۾ موجود 10 پا??ست??ني مشنز ۾ شروع ڪيو ويو آهي، ممل??تي وزير چيو ته پاور آف اٽارني حاصل ڪرڻ لاءِ سمنڊ پار پا??ست??نين کي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو هو، هن هدايت ڪئي ته پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي ويزن موجب دنيا جي سمورن ملڪ ۾ رهندڙ پا??ست??نين لاءِ وڌيڪ آسانيون پيدا ڪيون وڃن ڇو ته ٻا??ري?? ملڪ پا??ست??ني اسان جو سڀ کان وڏو اثاثو آهن جيڪي ملڪي معيشت ۾ بي مثال ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. ممل??تي وزير نادرا پاران ٻا??ري?? ملڪ رهندڙ پا??ست??نين کي فراهم ڪيل ڊجيٽل سهولتن کي ساراهيو. هن چيو ته ٻا??ري?? ملڪ رهندڙ پا??ست??نين جي ڀلائي ۽ بهتري وفاقي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، ٻا??ري?? ملڪ رهندڙ پا??ست??نين جي ڀلائي ۽ ترقي ۽ انهن جي مسئلن جي ترجيحي بنيادن تي حل لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا.