اسلام آباد – 11 – جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو آهي ته معاشي طور تي خودمختيار ٿيڻ لاءِ ضرورتمندن جي مدد سان ملڪ ۾ معاشي استحڪام ايندو، اخوت فائونڊيشن جي بنا وياج قرض واري سروس خاص طور تي ضرروتمند عورتن لاءِ واکاڻ جوڳي ۽ حوصلي واري آهي، عوام کي درپيش معاشي چئلينجز لاءِ اخوت فائونڊيشن جي تعاون ??ي ضرو??ت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلام آباد ۾ اخوت فائونڊيشن جي باني ۽ چيئرپرسن ڊاڪٽر امجد ثاقب سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. اسپيڪر راجا پرويز اشرف صحت ۽ تعليم جي شعبي ۾ اخ??ت جي منصوبن کي ساراهيندي انهن شعبن ۾ اخ??ت جي دلچسپي کي ساراهيو. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته اخوت گو??ر خان ۾ پنهنجي خدمتن کي وڌائيندو ڇو ته گو??ر خان ۾ تقريبن پنج هزار جي لڳ ڀڳ ماڻهو اخ??ت جي تعاون مان مستفيد ٿيا آهن، هن ايندڙ هفتي گو??ر خان ۾ اخ??ت جي سيمينار ?? شرڪت تي به آمادگي ظاهر ڪئي، اخوت فائونڊيشن جي چيئرپرسن ڊاڪٽر امجد ثاقب اسپيڪر کي ننڍو ڪاروبار شروع ڪرڻ لاءِ بنا وياج قرضن جي اسڪيمن جي باري ۾ ٻڌايو. هن چيو ته اخوت پنهنجي خدمتن ۾ صحت، تعليم جي شعبي جو به آغاز ڪيو آهي، هن چيو ته تازو ئي اخوت چڪوال ۾ يونيورسٽي جو آغاز ڪيو آهي، هن اسپيڪر راجا پرويز اشرف کي چڪوال يونيورسٽي ۾ مدعو ڪيو. هن اسپيڪر کي اخ??ت جي نوجوانن کي آن لائن ڪاروبار جهڙوڪ ايميزون وغيره جي تربيت ڏيڻ جي نون منصوبن جي باري ۾ آگاهه ڪيو.