اسلام آباد – 22 – جون (اي پي پي) قومي سلامتي سان لاڳاپيل اهم اجلاس ۾ ملڪ کي داخلي ۽ پرڏيه?? سطح تي لاحق خطرن ۽ ان جي تدارڪ جي لاءِ کنيل قدمن ۽ پاڪ افغان سرحد تي انتظامي معاملن بابت آگاهه ڪ??و ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ??ار?? بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ وزيراعظم هائوس ۾ قومي سلامتي سان لاڳاپيل اهم اجلاس ٿيو جنهن ۾ قومي، پارلياماني ۽ سياسي قيادت، قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ميمبرن ۽ عسڪري قيادت شرڪت ڪئي. قومي سلامتي جي ذميوار ادارن پاران ملڪي سلامتي جي مجموعي صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ملڪ جي داخلي ۽ پرڏيه?? سطح تي لاحق خطرن ۽ ان جي تدارڪ جي لاءِ قومي سلامتي جي ذميوار ادارن پاران کنيل قدمن کان آگاهه ڪ??و ويو. اجلاس کي پاڪستان افغانستان سرحد تي انتظامي معاملن بابت آگاهه ڪ??و ويو. اجلاس کي آگاهه ڪ??و ويو ته پاڪستان افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ انتهائي ذميواراڻو ۽ مثبت ڪردار ادا ڪيو آهي، پاڪستان افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پنهنجو تعميري ڪردار ??ار?? رکندو. ان اميد جو اظهار ڪيو ويو ته افغانستان جي سرزمين کي پاڪستان جي خلاف استعمال نه ٿيڻ ڏنو ويندو، اجلاس ۾ قرار ڏنو ويو ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي ڪوششن ۽ قربانين کي دنيا تسليم ڪيو، پاڪستاني قوم ۽ پاڪستاني فوج جي بي مثال قربانين جي ڪري سڄي ملڪ ۾ رياستي عملداري، امن جي بحالي ۽ معمول جي زندگي جي واپسي کي يقيني بڻايو ويو آهي. اڄ پاڪستان جي ڪنهن حصي ۾ به منظم دهشتگردي جو ڪو به ڍانچو باقي ناهي ر??يو، اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن کي ٽي ٽي پي سان ٿيندڙ ڳالهين جي باري ۾ به تفصيل سان آگاهه ڪ??و ويو. اجلاس کي ان سموري پسمنظر کان باخبر ڪيو ويو جنهن ۾ ڳالهين جو اهو سلسلو شروع ٿيو ۽ ان دوران ٿيندڙ دورن تي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته افغانستان جي حڪومت جي سهولتڪاري سان ٽي ٽي پي سان ڳالهين جو عمل ??ار?? آهي جنهن ۾ حڪومتي قيادت ۾ سول ۽ فوجي نمائندن تي مشتمل ڪميٽي نمائندگي ڪندي آئين پاڪستان جي دائري ۾ ڳالهيون ڪري ر??ي آهي جنهن تي حتمي فيصلو آئين پاڪستان جي ر??شني ۾ پارليامينٽ جي منظوري، مستقبل لاءِ فراهم ڪيل رهنمائي ۽ اتفاق راءِ سان ڪيو ويندو، سياسي قيادت معاملن کي منهن ڏيڻ جي حڪمت عملي ۽ ان ۾ اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو.