اسلام آباد – 05 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪ فضائيه جي سربراهه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو چيو آهي ته عدل، انصاف ۽ انساني وقار جي سربلندي لاءِ ضروري آهي ته عالمي برادري اهڙا عملي قدم کڻي، جنهن سان ڀارت کي ڪشميري?? جي خلاف پنهنجا موجوده غيرقانوني قدم واپس وٺڻ لاءِ مجبور ڪيو وڃي. هن ڪش??ير استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي والاريل ڄمون ۽ ڪش??ير جي خصوصي حيثيت ۽ آبادي جي تناسب ۾ غيرقانوني تبديلي، جاري ڀارتي فوجي گهيراءُ ۽ انساني حق?? جي سنگين خلاف ورزي?? جي ڏس ۾ والاريل ڄمون ۽ ڪش??ير جي بهادر عوام جي ڀارتي غاصباڻي قبضي جي خلاف ام?? جي جدوجهد ۾ ان سان گڏ بيهڻ جي عزم جو و??جاءُ ڪيو. ان حوالي سان پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته عدل، انصاف ۽ انساني وقار جي سربلندي لاءِ ضروري آهي ته عالمي برادري اهڙا عملي قدم کڻي جنهن سان ڀارت کي ڪشميري?? جي خلاف پنهنجا موجوده غيرقانوني قدم واپس وٺڻ لاءِ مجبور ڪيو وڃي. ڀارت کي اهو ڄاڻڻ گهرجي ته هر ڪشميري جي شهادت ۽ هر گهر جي تباهي سان ڪشميري?? جي ڀارتي قبضي مان آزادي جي عزم کي وڌيڪ سگهه ملندي. ايئر چيف چيو ته اسان سدائين پنهنجي ڪشميري ڀائر?? جي حقيقي آزادي جي جدوجهد ۾ انهن سان گڏ بيٺل رهنداسين.