اسلام آباد – 09 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف اتر وزيرستان جي علائقي مير علي ۾ فوجي جوانن جي قافلي تي خو??ڪش حملي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته اتر وزيرستان ۾ خو??ڪش حملي جي نتيجي ۾ 4 جوانن جي شهادت تي دلي ڏک ۽ افسوس ٿيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته دهشتگردي جي ناسور جي خاتمي تائين پوري قوم متحد ٿي ان جو مقابلو ڪندي رهندي ۽ دهشتگردن جا ناپاڪ ارادا ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا. وزيراعظم چيو ته دهشتگردي سان مقابلو ڪندي پنهنجي جانين جا نذرانا پي?? ڪندڙ انهن جوانن کي مون سميت پوري قوم خراج تحسين پي?? ڪري ٿي. وزيراعظم دعا ڪئي ته الله تعاليٰ شهيدن جا درجا بلند ڪري ۽ انهن جي گهرڀ??تي?? کي صبر جميل عطا فرمائي.