اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري گڏيل ??ومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب پرڏيهي م??املن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر ۽ پرڏيهي سيڪريٽري سهيل ??حمود پڻ ملاقات ۾ شريڪ هئا. پرڏيهي وزير ملڪ ۾ ٻوڏ جي تباهين ??ي ڏس ۾ پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ سيڪريٽري جنرل جي پاڪستان جي وقت سر دوري کي ساراهيو. هن حڪومت جي جاري ردعمل جي پڄاڻي جي لاءِ گڏيل ??ومن جي ”فليش اپيل“ جي ذريعي پاڪستاني عوام جي لاءِ عالمي امداد کي م??حرڪ ڪرڻ جي لاءِ سيڪريٽري جنرل جي ڀرپور ڪردار تي ان جا ٿورا مڃيا. پرڏيهي وزير چيو ته شديد برساتن پاڪستان جي تاريخ جي بدترين قدرتي آفت کي جنم ڏنو جنهن جي نتيجي ۾ ملڪ جو ٽيون حصو ٻڏي ويو ۽ 33 ملين کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿيا. هن چيو ته تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سان اهم انفراسٽرڪچر ۽ روزگار جي ذريعن کي پڻ زبردست نقصان پهتو آهي. پرڏيهي وزير ان قدرتي آفت کي منهن ڏيڻ جي لاءِ حڪومت پاران کنيل ??دمن جو ذڪر ڪندي چيو ته چئلينج پاڪستان جي وسيلن ۽ صلاحيتن کان وڌيڪ آهي. هن چيو ته عالمي برادري پاران پاڪستان جي م??د هن موسمياتي تباهي جو موثر طريقي سان جواب ڏيڻ ۽ پائيدار طريقي سان بحالي ۽ نئين ??ر تعمير ۾ مدد ڪرڻ جي لاءِ اهم آهي. گڏيل ??ومن جي سيڪريٽري جنرل ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ جاري امدادي ڪمن سان گڏوگڏ ڊگهي م??ي واري بحالي ۽ نئين ??ر تعمير جي لاءِ گڏيل ??ومن جي مڪمل حمايت ۽ تعاون کي ورجايو. هن چيو ته اهو نه رڳو عالمي برادري جي سخاوت ۽ يڪجهتي جو معاملو آهي پر انصاف جو معاملو آهي. سيڪريٽري جنرل عالمي م??ليات کي م??حرڪ ڪرڻ ۽ پاڪستان جي بحالي ۽ نئين ??ر تعمير جي ڪوششن جي لاءِ مالياتي گنجائش وڌائڻ جي لاءِ مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. گڏيل ??ومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس پاڪستان جي ٻن ڏينهن جي دوري تي آهي. اسلام آباد ۾ پاڪستاني قيادت سان پنهنجي ملاقاتن کانسواءِ سيڪريٽري جنرل ٻوڏ کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ علائقن جو پڻ دورو ڪندو، هو متاثر علائقن ۾ بي گهر ٿيندڙ ماڻهن سان ملاقات ۽ امدادي سرگرمين ??و مشاهدو ڪندو.