ڪراچي -10 سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس چيو آه??، ته پاڪستان ۾ تباهه ڪن ٻوڏ سبب انساني الميو جنم وٺي رهيو آه??، پاڪستان ??ي فوري طور وڏي مالي امداد جي ضرورت آه??، گڏيل قومون ۽ عالمي ادارن کي مشڪل جي هن گهڙي ۾ فراخدلي سان پاڪستان جي مدد ڪرڻ گهرجي. اهڙو اظهار ه?? ڪراچي ايئرپورٽ تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان ??ڏ مي??يا سان ??الهائيندي ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب جيڪا تباهي آئي آه??، دنيا جي ڪنهن به آفت دوران ايتري تباهي نه ڏٺي، ان صورتحال کي لفظن ۾ بيان نٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته ٻوڏ سبب لکين ماڻهو بي گهر ٿيا، فصلون تباهه ٿيون، چوپايو مال لڙهي ويو، ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ ماڻهو پنهنجا گهر ٻار، ۽ روزگار وڃائي ويٺا آه??. اهڙي صورتحال سبب پاڪستان ۾ انساني الميو جنم وٺي رهيو آه??. هن چيو ته موسمياتي تبديلي اڄ جو وڏو مسئلو آه??. پاڪستان ٻين ملڪن جي قدمن جي قيمت چڪائي رهيو آه??. ڪار??ن پکيڙڻ سبب جي-20 ملڪن جو حصو 80 سيڪڙو آه??، ترقياتي ملڪن کي موسمياتي تبديلي جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ اڳتي وڌڻ گهرجي، صنعتي ملڪن کي بدترين ڪاربن جي نيڪال ڪرڻ ۾ گهٽتائي ڪرڻ گهرجي، اڄ پاڪستان موسمياتي تبديلي جو شڪار آه?? ته سڀاڻي ڪو ٻيو ملڪ هوندو، جيڪڏهن فوري طور قدم نه کنيا ويا ته مستقبل ۾ تمام گهڻا خطرا هوندا. سيڪريٽري جنرل چيو ته مشڪل جي هن گهڙي ۾ گڏيل قومون ۽ عالمي برادري کي پاڪستان جي مدد ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته پاڪستان ??ي لکين ماڻهن جي بحالي لاءِ فوري طور وڏي مالي امداد جي ضرورت آه??. هن چيو ته ترقي يافته ملڪن کي سنجيدگي سان هن ڳالهه تي سوچڻو پوندو ته آفت جي هن صورت ۾ اسرندڙ ملڪن جي مدد ڪهڙي طرح ڪئي وڃي. کين پاڪستان سميت ٻين اسرندڙ ملڪن کي مشڪل مالي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ مدد لاءِ نئون طريقو جوڙڻ جي ضرورت آه??. هن اميد ظاهر ڪئي ته عالمي برادري تيزي سان پاڪستان جي مدد لاءِ اڳتي وڌندي. هن چيو ته پاڪستان جي سياسي ۽ عسڪري قيادت امدادي ادارن ۽ سماجي تنظيمن کي پڻ اڳتي وڌي مشڪل جي هن گهڙي ۾ پنهنجي ڀائرن ۽ ڀينرن جي مدد ڪرڻ گهرجي. ان موقعي تي بلاول ڀٽو زرداري ڳالهائيندي چيو ته ٻوڏ سبب پاڪستان ۾ وڏي پئماني تي تباهي ٿي آه??. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جو هن مشڪل جي گهڙي ۾ پاڪستان جو دورو سٺو سنئوڻ آه??. هن دوري سان عالمي سطح تي پاڪستان لاءِ امدادي ڪوششن ۾ عالمي برادري کي متحرڪ ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هن ڀرپور مصروفيتن باوجود پاڪستان جو دورو ڪرڻ تي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جو ٿورو مڃيو. هن چيو ته ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا پيا وڃن.