اسلام آباد – 14 – سيپٽمبر (اي پي پي) وز??را??ظم محمد شهباز شر??ف سان حبيب بئنڪ لميٽيڊ جي چيئرمين ۽ آغا خان فنڊ فار اڪنامڪ ڊيولپمينٽ جي ڊائريڪٽر سلطان علي الانه ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ دفاع وارو وفاقي وز??ر خواجه محمد آصف به موجود هو. وز??را??ظم آغا خان کي پاڪستان ۾ ٻوڏ کي منهن ڏيڻ جي ڪوششن جي لاءِ فراخدلاڻي تعاون تي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ سندس ٿورا مڃي??. م??اقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن سميت ملڪ جي معاشي صورتحال ۽ ترقي جي شعبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وز??را??ظم پاڪستان ۾ حبيب بئنڪ لميٽِڊ ۽ آغا خان ڊيولپمينٽ نيٽ ورڪ جي ٻين ادارن جي ڪردار کي ساراهيو. هتي اها ڳالهه ذڪر جوڳي اهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ پرنس رحيم آغا خان وز??را??ظم سان ٽيليفونڪ رابطو ڪري ٻوڏ متاثرين جي لاءِ 10 ملين ڊالر عطيي جو اعلان ڪيو هو.