اسلام آباد-07 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي صحت واري وفاقي وزير عبدالقادر پٽيل چيو آهي ته ??وڏ متاثرن لاءِ ماڻهن سان يڪجهتي ۽ سهڪار تي يونيسيف جي ڪوششن کي ساراهيان ٿو، پوليو جي خاتمي لاءِ حڪومت هنگامي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي. اهڙو اظهار هن يونيسيف جي ڪنٽري ڊائريڪٽر عبدالله الفادل سان ڳالهائيندي ڪيو، جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ صحت جي شعبي سميت مختلف معاملن تي ڳالهيون ٿيون. ا?? موقعي تي ڊاڪٽر عبدالله الفادل يونيسيف طرفان ??وڏ متاثرن کي ڏنل امداد جي باري ۾ بريفنگ پڻ ڏني. ڊاڪٽر عبدالله وفاقي وزير کي ٻُڌايو ته يونيسيف لسٻيله، سبي، ملتان، ڊي جي خان ۾ نَوان فيلڊ آفيس سکر ۽ حيدرآباد ۾ پڻ قائم ڪيا آهن. هن ٻُڌايو ته يو اين جي سمور?? ادارن 816 آمريڪي ڊالرن جي فليش اپيل ڪئي آهي، جتي ??وڏ متاثرن ۽ بي گهر ٿيل ماڻهن جو هڪ وڏو حصو موجود آهي. هن وقت انهن علائقن ۾ 09 ملين آمريڪي ڊالر جي صحتمند شين جي فراهمي ٿي چڪي آهي. ا?? موقعي تي وفاقي وزير چيو ته ??وڏ متاثرن لاءِ ماڻهن سان يڪجهتي ۽ تعاون تي ان جي ڪوششن کي ساراهيان ٿو. ??وڏ سبب ملڪ ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت 33 ملين کان وڌيڪ آبادي متاثر ٿي. هن چيو ته پوليو جي خاتمي لاءِ حڪومت هنگامي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي. پوليو جي خاتمي لاءِ فرنٽ لائينز ورڪرز اسان جا هيرو آهن. عبدالقادر پٽيل چيو ته ڊيوٽي دوران فوت ٿيل صحت ۽ ٻين سيڪيورٽي ورڪرز جي جوش ۽ جذبي ۽ قر??ان??ن کي خراب تحسين پيش ڪريان ٿو.