اسلام آباد – 04 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آه?? ته پاڪستان کي درپيش چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هنرمند ماڻهن کي حصيدار بڻائي رهيا آه??ون، منهنجي هدايت تي منصوبابندي وارو و??ير چيمپيئن آف ريفارمز (سي او آر) نيٽ ورڪ جي شروعات ڪرڻ وڃي رهيو آه??، اهو ??يٽ ورڪ هڪ پليٽ فارم طور ڪم ڪندو جنهن ۾ ملڪ جي ماهرن جون خدمتون ورتيون وينديون. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو وڏي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ بهترين ٽيلينٽ کي استعمال ۾ آندو ويندو. هنرمند پاڪستاني ملڪ جو فخر آه?? جن عالمي سطح تي مختلف شعبن ۾ پنهنجو مقام بڻايو. درپيش چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هنرمند ماڻهن کي حصيدار بڻائي رهيا آه??ون. سي او آر نيٽ ورڪ هڪ اهڙي پليٽ فارم طور تي خدمتون سرانجام ڏيندو جتي قوم جي خدمت جي لاءِ چوٽي جا ماهر گڏجي ويهندا. پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو اسان عملي رستي طرف گامزن ٿي رهيا آه??ون جتي اسان پنهنجي بهترين ٽيلينٽ جي حصيداري سان ملڪ کي درپيش چئلينجز جي حل لاءِ گڏيل ڪوششون ڪنداسين.