ابوظهبي – 12 – جنوري (اي پي پي) وز??راعظم م??مد شهباز شريف گڏيل عرب امارات جي ٻن ڏينهن جي دوري تي ابوظهبي پهچي ويو آهي. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ابوظهبي جي هوائي اڏي ??ي گڏيل عرب امارات جي اقتصادي معاملن واري وز??ر عبدالله طوق المري ۽ پاڪستاني سفارتخاني جي آفيسرن وز??راعظم م??مد شهباز شريف جو استقبال ڪيو. وز??راعظم گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ م??مد بن زايد النهيان سان ملاقات ڪندو، جنهن ۾ ٻنهي ڀائر اسلامي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي، واپاري ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ ۽ يو اي اي ۾ پاڪستاني افرادي قوت جي لاءِ موقعا پيدا ڪرڻ بابت معامل?? بحث هيٺ ايندا. ٻئي اڳواڻ گڏيل دلچسپي جي ڪيترن ئي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. وز??راعظم م??مد شهباز شريف گڏيل عرب امارات جي وز??راعظم ۽ نائب صدر ۽ دبئي جي حڪمران شيخ م??مد بن راشد المڪتوم سان به ملاقات ڪندو. ان موقعي تي وز??راعظم واپار ۽ سيڙپڪاري کي وڌائڻ جي لاءِ اماراتي واپارين ۽ سيڙپڪارن سان به ملاقاتون ڪندو.