اسلام آباد– 25 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چينل 24 نيوز جي رپورٽر سان عوامي مسلم ليگ جي صدر شيخ رشيد احمد جي بدتميزي جي واقعي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته جڏهن انهن وٽ س??ال جو جواب ناهي هوندو ته اهي صحافين تي حملي آور ٿين ٿا، پي ٽي آءِ ۽ سندس اتحادين جي تاريخ آهي ته انهن سدائين صحافين ۽ صحافت جو گلو دٻائ?? جي ڪا به ڪوشش هٿ مان وڃڻ ناهي ڏني. ??نه??جي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته شيخ رشيد احمد ڄاڻي وٺي ته اڄ هو جتي بيٺل آهي ان ۾ صحافين ۽ ميڊيا جو اهم ڪردار آهي. هن چيو ته اسان صحافين سان اهڙي قسم جي رويي جي مذمت ڪريون ٿا، شيخ رشيد کي ??نه??جي ان ر??يي تي معافي وٺڻ گهرجي.