اسلام آباد – 09 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته هو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي ??اء?? ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ اسلام آباد ۾ هفتيوار پريس بريفنگ ۾ چيو ته اها بدقسمتي جي ڳالهه آهي ته ڀارتي عملدارن پنهنجي غيرقانوني طور تي ڄمون ۽ ڪشمير جي قبضي هيٺ ماڻهن کي ڊيڄارڻ جي ??اء?? زمين کي هٿيار طور تي استعمال ڪري رهيا آهن. هن سرينگر جي علائقي راج باغ ۾ ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي آفيس جي عمارت تي ڀارتي قابض عملدارن پاران تازي حملي جي مذمت ڪندي ان کي بزدلاڻو فعل ۽ والاريل علائقي ۾ سياسي ??زا??ي تي هڪ ٻيو حملو قرار ڏنو. ترجمان ڀارتي غيرقانوني طور تي قبضي هيـٺ ڄمون ۽ ڪشمير مان ڪشميري مسلمانن جي بي دخلي بابت چيو ته ڀارت جي ڪجهه رياستن ۾ بلڊورز جو استعمال مسلمانن جي جاين کي مسمار ڪرڻ جو عمل ان کي دهشت زده ڪرڻ جي ??اء?? ڪيو پيو وڃي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان تصديق ڪئي ته ??لز??ي کان متاثر ترڪيه مان 23 پاڪستاني شهرين کي ڪڍيو ويو آهي، جڏهن ته هيستائين ڪنهن به پاڪستاني جي جاني نقصان جي اطلاع ناهي آئي. هن چيو ته انهن مان 16 ماڻهن کي پاڪستان واپس آندو ويندو جڏهن ته باقي کي ترڪيءَ جي شهر استنبول منتقل ڪيو ويندو. ترجمان چيو ته هيستائين اسان وٽ ترڪيءَ يا شام ۾ ڪنهن به پاڪستاني جي مارجڻ جي ڪا به خبر نه آهي. هن ٻڌايو ته پاڪستانين کي گازيانٽيپ يونيورسٽي مان ڪڍي اڊيانه شهر رکيو ويو آهي. تباهه ٿيندڙ شهر جيڪو ??لز??ي جي مرڪز کان اٽڪل 33 ڪلوميٽر پري واقع آهي ۾ ??لز??ي دوران وڏي جاني نقصان کانسواءِ بنيادي ڍانچي کي به شديد نقصان پهتو. هن چيو ته ترڪيءَ ۽ شام ۾ ملڪي مشنز ??لز??ي کان متاثر پاڪستانين کي امداد فراهم ڪرڻ جي ??اء?? لاڳاپيل عملدارن سان مسلسل رابطي ۾ آهن.