لاهور – 10 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪي?? ۽ ??ام جي زلزلي متاثرين جي لاءِ امدادي سام??ن جي مقرر مدي ۾ روانگي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته 23 مارچ 2023ع تائين ترڪيه ۾ سرديءَ کان بچاءُ جا 50 هزار خيما موڪليا ويندا، هن خيمن جي معيار کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ترڪيه موڪلڻ کان اڳ رينڊم چيڪنگ ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پار??ن جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ترڪي?? ۽ ??ام ۾ زلزلي متاثرين جي لاءِ خصوصي طور تي تيار ڪيل خيمن ۽ ٻين امدادي شين جي جلد ک??ن جلد پهچ تي جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ اين ڊي ايم اي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ، ناڻي واري وفاقي وزير، پلاننگ اينڊ ڊيولپمينٽ واري وفاقي وزير ۽ ترڪيه ۾ پاڪست??ن جي سفير بريفنگ ڏني. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته هلندڙ مهيني 23 مارچ تائين ترڪي?? ۽ ??ام 34 اڏامون امدادي سامان کڻي وينديون، انهن اڏامن ۾ سرديءَ کان بچاءُ جا 50 هزار خيما، 38 هزار ڪمبل ترڪيه لاءِ ۽ 22 هزار ڪمبل ۽ 10 هزار راشن جا پيڪيٽ شام موڪليا ويندا. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته اڄ رات ٻه مال بردار جهاز 220 ٽن امدادي سامان کڻي ترڪيه جي لاءِ روانا ٿيندا. ان کانسواءِ سڀاڻي ڇنڇر ڏينهن ترڪي?? ۽ ??ام جي زلزلي متاثرين جي لاءِ پاڪستان نيوي جو ٻيو سامونڊي جهاز سامان کڻي روانو ٿيندو. وزيراعظم ترڪي?? ۽ ??ام جي لاءِ امدادي سام??ن جي مقرر مدي ۾ روانگي يقيني بڻائڻ جي پڻ هدايت ڪئي. اجلاس ۾ ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار، منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال، وزيراعظم جي خاص معاون سيد طارق ف??طم??، ترڪيه ۾ پاڪست??ن جي سفير ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ناڻي واري وزارت معاشي مسئلن جي باوجود امدادي سام??ن جي پيداوار ۽ پهچ جي لاءِ گهربل وسيلا مهيا ڪيا جيڪا سراهه جوڳ?? ڳالهه آهي. هن چيو ته اين ڊي ايم اي، ناڻي واري وزير، منصوبابندي واري وزير، پرڏيهي وزارت، اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۽ ترڪي?? ۽ ??ام ۾ مقرر سفيرن جا ٿورا ادا ڪريان ٿو جيڪي زلزلي سٽيلن جي مدد لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪري رهيا آهن. هن چيو ته پاڪستان ۾ سرنديءَ وارا زلزلي متاثرين جي لاءِ دل کولي عطيا جمع ڪرائي رهيا آهن.