اسلام آباد – 16 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي خصوصي ??اڻ??ن جي صلاحيت وڌائڻ ۽ ڪيريئر ڪونسلنگ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته حڪومتي ۽ نجي شعبي کي خصوصي ??اڻ??ن جي مالي ۽ سماجي شموليت جي لاءِ گڏيل قدم کڻڻا پوندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن خصوصي ??اڻ??ن جي ڀلائي ۾ مالياتي خدمتن جي ڪردار جي حوالي سان بريفنگ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. نيشنل رورل سپورٽ پروگرام جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ڊاڪٽر راشد باجوه، اين او ڊ??لي?? پي ڊي پي جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر عمير احمد، نيوٽيڪ جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر خالد محمود، اس??يٽ بئنڪ آف پاڪستان جي اس??امڪ فنانس ڊپارٽمينٽ جي ڊائريڪٽر غلام محمد، ايڊيشنل فنانس سيڪريٽري عامر محمود حسين، ڊ??لي?? ايڇ او جي ٽيڪنيڪل ايڊوائيزر ڊاڪٽر مريم ملڪ ۽ سينيئر سرڪاري آفيسرن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. صدر خصوصي ??اڻ??ن جي صلاحيت وڌائڻ ۽ ڪيريئر ڪونسلنگ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته خصوصي ??اڻ??ن کي انهن جي هنر موجب نوڪرين جا موقعا فراهم ڪرڻا پوندا. هن چيو ته پاڪستان جي 10 کان 14 سيڪڙو آبادي ڪنهن نه ڪنهن قسم جي معذوري جو شڪار آهي، ان صورتحال ۾ حڪومتي ۽ نجي شعبي کي خصوصي ??اڻ??ن جي مالي ۽ سماجي شموليت جي لاءِ گڏيل قدم کڻڻا پوندا. صدر چيو ته پاڪستان ۾ خصوصي ??اڻ??ن کي مختلف جسماني ۽ مالي رڪاوٽون درپيش آهن، انهن کي مالياتي خدمتن تائين پهچ ۽ روزگار فراهم ڪري مالي طور تي خودمختيار بڻائڻ جي ضرورت آهي، معاشري کي خصوصي ??اڻ??ن جي ڀلائي ۽ سهولت جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. اجلاس ۾ نيشنل رورل سپورٽ پروگرام جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ڊاڪٽر راشد باجوه خصوصي ??اڻ??ن ۽ عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ قدمن بابت بريفنگ ڏني. هن ٻڌايو ته نيشنل رورل سپورٽ پروگرام پاڪستان ۾ مائيڪرو فنانشل سروسز فراهم ڪندڙ سڀ کان وڏو ادارو آهي جيڪو ڳوٺاڻن علائقن ۾ آبادگارن ۽ ننڍن زميندارن کي مدد فراهم ڪرڻ ۾ مصروف عمل آهي. نيشنل رورل سپورٽ پروگرام 72 ضلعن ۾ پٺتي پيل ڪميونٽيز جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي جڏهن ته خصوصي ??اڻ??ن جي ڀلائي ۽ بحالي جي لاءِ پڻ ڀرپور قدم کنيا پيا وڃن. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته نيشنل رورل سپورٽ پروگرام خصوصي ??اڻ??ن کي مالي خدمتن، مصنوعي عضون ۽ بحالي جون خدمتون فراهم ڪري رهيو آهي. پروگرام تحت خصوصي ??اڻ??ن ۾ قرضن جي ذريعي 150.5 ملين رپيا ورهايا ويا آهن، ان کانسواءِ 3346 خصوصي ??اڻ??ن کي مائيڪرو هيلٿ انشورنس ڪوريج ۽ 14039 خصوصي ??اڻ??ن کي مصنوعي عضوا فراهم ڪيا ويا آهن. ان موقعي تي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر نيوٽيڪ ڊاڪٽر خالد محمود اجلاس کي ٻڌايو ته نيوٽيڪ خصوصي ??اڻ??ن کي مفت تربيت ۽ هنر فراهم ڪرڻ، مفت رهائش ۽ پڪ اينڊ ڊراپ جي سهولت فراهم ڪرڻ وڃي رهيو آهي. ڊائريڪٽر اس??امڪ فنانس، اس??يٽ بئنڪ آف پاڪستان غلام محمد ٻڌايو ته بئنڪن پاران جلد ئي خصوصي ??اڻ??ن جي لاءِ انٽرن شپ پروگرام شروع ڪيا ويندا. صدر خصوصي ??اڻ??ن جي ڀلائي ۽ انهن کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ کنيل قدمن کي ساراهيو.