ثمرقند – 13– اپريل (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر روسي پرڏيهي وزير سرگئي لاوروف سان ازبڪستان جي شهر ثمرقند ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب افغانستان جي ??اڙيسري ملڪن جي چوٿين اجلاس جي موقعي تي روسي پرڏيهي وزير سان مملڪتي وزير جي ??لاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن سان گڏوگڏ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير سرگئي لاوروف ۽ پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر ٻنهي ملڪن جي گڏيل فائدي جي ??اءِ اعليٰ سطح جي ??ٽاسٽا جي اهميت تي اتفاق ڪ??و. ??نن واپار ۽ سيڙپڪاري، توانائي ۽ غذائي تحفظ ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي اهميت تي اتفاق ڪ??و. ??لاقات ۾ پرامن، مستحڪم، خودمختيار ۽ خوشحال افغانستان جي گڏيل مقصدن کي فروغ ڏيڻ جي ??اءِ ويجهي مشاورت جي اهميت تي اتفاق ڪيو ويو. ڌرين شنگهائي تعاون تنظيم تحت مختلف اقتصادي قدمن تي اڳڀرائي جو پڻ جائزو ورتو.