اسلام آباد – 18 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اتحادي حڪومت ملڪ کي درپيش چئلينجز کي متحد ٿي منهن ڏيڻ جي لاءِ پرعزم آهي، ??سان جي متحد رهڻ سان مخالفن جون ننڊون حرام ٿي چڪيون آهن، آءِ ايم ايف سان معاهدي کي عملي جامعو پارائڻ جي لاءِ سول ۽ فوجي قيادت ڀرپور ڪوششون ڪيون آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن اتحادي اڳواڻن جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته اتحادي مشاورت سان فيصلا ڪن ٿا، فيصلا مڙهين نه ٿا، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، مولانا فضل الرحمان سميت سمورن اتحادين ڀرپور ساٿ ڏنو آهي، ??ڳوڻي صدر آصف علي زرداري، ??ڳوڻي وزيراعظم نواز شريف سميت سمورين اتحادي پارٽين ڀرپور تعاون ۽ ساٿ ڏنو، تمام گهڻيون مشڪلاتون آهن?? نيڪ مقصد جي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون، هتي ڦرلٽ ۽ ڪرپشن نه ٿي رهي آهي، ??ڪيلو ڪجهه نه ڪري سگهندو هئس، ساٿ ڏيڻ تي اتحادين جو ٿورائتو آهيان. هن چيو ته ڪابينا، پارليامينٽ ۽ اعليٰ عدليه جي وچ ۾ گذريل ڪجهه هفتن کان ڪجهه معاملا هلي رهيا آهن، دنيا حيران ۽ پريشان آهي ته ڪڏهن اڄ تائين ائين ناهي ٿيو ته هڪ قانون جنهن حتمي شڪل اختيار ناهي ڪئي ۽ ان تي اعليٰ عدليه جي ٽي رڪني بئنچ چئي ڇڏي ته صدر ان قانون تي ڪا راءِ ڏي يا نه ڏي، نافذ العمل نه هوندو، اڄ بار ڪائونسلز اسان جي محبت ۾ نه قانون جي عملداري ۽ اهڙا فيصلا جنهن سان آئين ۽ عدل جي نظام کي نقصان پهچي سگهي ٿو ان جي خلاف بيهي رهيون، ا??ي چون ٿا ته اهو انصاف جي گهرجن موجب نه آهي. وزيراعظم چيو ته سمورن معاملن تي سياسي پارٽين جي نمائندن کلي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو، ا??ا ان ڳالهه جي گواهي آهي ته اتحادي حڪومت صدق دل سان ڪوشش ڪريرهي آهي ته ان سفر کي منطقي انجام تائين پهچائي، ??ڪاوٽون ختم ڪري، ??سان جي مخالفن جون ننڊون حرام ٿي ويون آهن ته هي اتحاد برقرار آهي، ??نهن پارٽين جدا رستو اختيار ڇو نه ڪيو، اسان جو اتحاد ڪاميابي اهي، ??ن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته آءِ ايم ايف جو معاملو آخري مرحلي ۾ آهي، پئسن جي آخري شرط به پوري ڪري ڇڏي آهي، ناڻ?? واري وفاقي وزير ننڊون حرام ڪري ڪوشش ڪئي، پرڏيهي وزير ڀرپور ڪوشش ڪئي، ??هو ملڪ جي لاءِ خلوص، درد ۽ عزم جو اظهار آهي، ??پهه سالار به ان حوالي سان بي پناهه ڪوشش ڪئي آهي، هي اهي چئلينجز آهن جنهن جيڪي اسان سڀني کي درپيش آهن، اسان جنهن ٻيڙي ۾ سوار آهيون ان کي ڪناري لڳائينداسين، ڪُن ۾ نه ڇڏينداسين، ا??له جي نصرت سان مشڪلاتن ۾ گهٽتائي ايندي. هن چيو ته هن ئي مهيني جي آخر ۾ چين جي نئين وزيراعظم سان ڳالهه ٻولهه ٿيندي. وزيراعظم چيو ته پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري آمريڪا سان ڳالهه ٻولهه ۽ پرڏي??ي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر چئن ملڪن جي اجلاس جي حوالي سان آگاهه ڪيو. هن چيو ته وزيراعظم بڻجي جيڪا ذميواري ڏني وئي ان کي پورو ڪندس.