اسلام آباد-04 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ترڪيھ جي صدر رجب طيب اردوان ۽ سندس گهر واري وچ ۾ خوشگوار انداز ۾ ڳالهيون ٿيون جنهن ۾ پاڪ??تا??ي انبن جي به تعريف ڪئي وئي. صدر اردوان جي حلف برداري واري تقريب کان پوءِ روانگي جي موقعي تي ڳالهائيندي وزيراعظم شهباز شريف ۽ ترڪ صدر ۽ ان جي گهر واري وچ ۾ دلچسپ ڳالهه ٻولهه ٿي. وزيراعظم ترڪيھ جي صدر کي ٻڌايو ته هو هاڻي واپس روانو ٿي رهيو آهي ۽ پاڪ??تا?? جي عوام ترڪيھ جي عوام کان به وڌيڪ توها?? جو چونڊجن تي ??وش آهي. وزيراعظم شهباز شريف حلف برداري تقريب ۾ شرڪت جي دعوت تي صدر اردوا?? جو ٿورو مڃيو ۽ چيو ته اوهان جي دعوت ڏيڻ جي مهرباني جو توهان پنهنجي خوشين ۾ اسان کي شريڪ ڪيو. وزيراعظم صدر اردوان کي ٻڌايو ته اسان توهان سڀني خاندان وارن کي مبارڪون ڏيون ٿا ۽ نيڪ خواهش?? جو به اظهار ڪيون ٿا. هن چيو ته هو صدر اردوان لاءِ انب?? جو تحفو کڻي آيو آهي، جنهن مان اڌ پنهنجي ڀاءُ ۽ اڌ پنهنجي ڀيڻ لاءِ آهن. وزيراعظم جي ڳالهه تي صدر اردوان ۽ ان جي گهر واري ڏاڍو ??وش ٿيا مسڪرائيندي ٿورو مڃيو ۽ مسڪرائيندي جواب ڏنو ته کين علم آهي ته پاڪ??تا?? جا انب تمام گهڻا لذيذ ۽ مٺا ٿيندا آهن، بيگم اردوان به وزيراعظم جو ٿورو مڃيو. صدر اردوان تقريب ۾ شريڪ ٿيڻ ۽ نيڪ تمنائن جي اظهار تي وزيراعظم شهباز شريف جو خاص ٿورو مڃيو ۽ چيو ته توهان جي مهرباني جو دعوت ۾ شريڪ ٿيا.