اسلام آباد- 16 جون (اي پي پي) عربي سمنڊ ۾ پيدا ٿيل انتهائي شديد سامونڊي طوفان بپر جواءِ وڌيڪ ڪمزور ٿي ڪيٽگري ون جي سامونڊي طوفان ۾ تبديل ٿي ويو آهي. نيشنل ڊزاسر مينجمينٽ اٿار??ي موجب جمعي تي منجهند جو سامونڊي طوفان ڪيٽي بندر کان 145، ٺٽي کان 169 ۽ ڪراچي کان 230 ڪلو م??ٽر ڏور ڏکڻ اوڀر ۾ هو?? طوفان جي سطح تي هو?? جي رفتار 80 کان 90 ڪلو م??ٽر في ڪلاڪ جڏهن ته ان جي مرڪز جي پسگردائي ۾ 110 ڪلو م??ٽر ر??ڪا?? ڪئي وئي، سمنڊ ۾ لهرون 10 کان 12 فٽ هيون. واضع رهي ته پاڪستان جي سامونڊي ڪناري واري پٽي تي امڪاني اثرن جو دارومدار طوفان جي وڌيڪ اڳڀرائي تي آهي، لاڳاپيل ادارا ڪنهن به هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهن، طوفان جا اثر ختم ??يڻ تائين عوام کي محتاط رهڻ جو مشورو ڏنو ويو آهي.