حيدرآباد-13 جون (اي پي پي) ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد ۽ ڊائريڪٽر جنرل ايڇ ڊي اي فواد غفار سومرو ضلع?? جي سمورن لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي آهي ته امڪاني طوفاني برساتن دوران گذريل سال وانگر فيلڊ ۾ موجود رهندي برساتي پاڻ?? جي نيڪالي واري عمل جي نگراني ڪن. پنهنجي آفيس مان جاري ڪيل پريس بيان ۾ هن چيو ته صورتحال جو جائزو وٺڻ ۽ عوام کي پريشانين کان محفوظ رکڻ لاءِ سمورا لاڳاپيل عملدار ۽ عملو سنجيدگي ۽ دلچسپي سان پنهنجا فرض ادا ڪن. هن، حيسڪو اختيارين کي هدايت ڪئي ته اهي واسا جي سمورين پمپنگ اسٽيشنن تي بنا رنڊڪ بجل?? جي فراهمي کي يقيني بڻائين ڇاڪاڻ ته جنريٽ?? تي پمپنگ مشينن کي فعال رکڻ جي صلاحيت فقط 25 سيڪڙو هوندي آهي ۽ پاڻ?? جي نيڪالي وارو ڪم پڻ متاثر ٿيندو آهي ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته پمپنگ اسٽيشنن کي بجلي فراهم ڪندڙ فيڊرن کي فعال رکڻ لاءِ ضروري انتظامن کي يقيني بڻايو وڃي. ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد چيو ته ڪوآپريٽو سوسائٽيز ۽ بلڊنگس کاتو سرڪاري ڪالونين ۽ سوسائٽيز مان برساتي پاڻ?? جي نيڪالي جا ذميوار آهن تنهنڪري ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي کان پاسو ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ ملوث عنصرن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته مون سميت سمورا لاڳاپيل عملدار پاڻمرادو برساتي پاڻ?? جي نيڪالي وارن ڪمن جي نگراني ڪندا ۽ انشاالله ماڻهن جي جانين ۽ ملڪيتن جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ لاءِ سمورا گهربل وسيلا ڪتب آندا ويندا.