اسلام آباد – 14 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وطن جي لاءِ خدمتن ۽ قرباني تي شه??دن کي خراج عقيدت پيش ڪندي قوم پاران انهن جي خاندانن جا ٿورا مڃيا آهن. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪ فوج جي شه??دن جي پونئيرن سان ٽي??يفون تي ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. هن شه??دن ۽ انهن جي خاندانن جي ايثار جي جذبي تي انهن کي سلام پيش ڪيو. صدر شه??دن جي وطن جي لاءِ خدمتن ۽ قرباني تي خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر 9 جون تي ميران شاهه ۾ شهيد ٿيندڙ جوانن جي وارثن سان ٽي??يفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر صوبيدار اصغر، سپاهي نسيم شهيد ۽ محمد زمان شهيد جي پونئيرن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر 31 مئي تي حيدر خيل ۾ شهيد ٿيندڙ سپاهي ثاق?? الرحمان جي وارثن سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر قوم پاران شه??دن جي خاندانن جا ٿورا مڃيا. ڊاڪٽر عارف علوي شه??دن جي درجن جي بلندي لاءِ پڻ دعا ڪئي. هن پونئيرن سان همدرديءَ جو اظهار ۽ انهن جي لاءِ صبر جي دعا ڪئي.