اسلام آباد-15 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم مح??د شهباز شريف چيو آهي ته 12 آگسٽ کانپوءِ قائم ٿيندڙ نگران حڪومت به آءِ ايم ايف سان معاهدي جو ??حترام جاري رکندي، اليڪشن کانپوءِ عوام جيڪڏهن چونڊيو ته آءِ ايم ايف جي مدد سان معيشت ۾ تيزي سان بهتري آڻينداسين. وزيراعظم آفيس طرفان جاري بيان مطابق وزيراعظم آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽلينا جورجيوا سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر وزيراعظم سان پنهنجي ڳالهه ٻولهه ۾ ماضي ۾ پيدا ڪيل بد اعتمادي جو ??ه ذڪر ڪيو ۽ چيو ته آءِ ايم ايف کي ماضي ۾ پيدا ڪيل بد اعتمادي سبب خدشا هئا، مون کي يقين آهي ته وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي واعدن کي پورو ڪندو، ايم ڊي آءِ ايم ايف چيو ته وزيراعظم پيرس ۾ ٿيل ملاقات ۾ معاهدو پورو ڪرڻ جي دانشمندي جو ??زم ڏيکاريو. وزيراعظم جيڪا ليڊرشپ ڏيکاري اها لائق تحسين ۽ قابل تعريف آهي ۽ ان ئي سبب اسان پاڪستان جي مدد ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ هاڻي مضبوط شراڪتداري ۽ گڏيل اعتماد ب??ال ٿي چڪو آهي. پاڪستان آءِ ايم ايف جو ??هم ميمبر آهي، آءِ ايم ايف پاڪستان جي هر ممڪن حد تائين مدد ڪندو رهندو. هن وزيراعظم سان ويجهي رابطي ۾ رهڻ جي خواهش جو ??ظهار به ڪيو. وزيراعظم چيو ته هو قيمتي لفظن تي ايم ڊي آءِ ايم ايف جو ??ڪر گذار آهي. وزيراعظم چيو ته پيرس ۾ ٿيل ملاقات ۾ ايم ڊي آءِ ايم ايف راست گوئي ۽ هاڪاري انداز ۾ ڳالهه ٻولهه ڪئي هئي. وزيراعظم چيو ته معاشي ٽيم سان ملاقات ۾ هن واضع ڪيو هو ته معاهدي جي ڪا به خلاف ورزي برداشت نه ڪئي ويندي. وزيراعظم چيو ته 12 آگسٽ تائين اسان جي حڪومت آهي، ان کانپوءِ نگران حڪومت ايندي. نگران حڪومت آءِ ايم ايف سان معاهدي جو ??حترام جاري رکندي. وزيراعظم چيو ته اليڪشن کانپوءِ جيڪڏهن عوام اسان کي چونڊيو ته آءِ ايم ايف جي مدد سان معيشت ۾ تيزي سان بهتري آڻينداسين. وزيراعظم چيو ته پاڪستان دنيا جي بهترين ۽ لذيذ ترين انب پيدا ڪندو آهي. وزيراعظم چيو ته ايم ڊي آءِ ايم ايف لاءِ احترام جي جذبي طور هو انبن جو ??حفو موڪلي رهيو آهي. وزيراظم ايم ڊي آءِ ايم ايف جي پيشيواراڻي مهارت، ليڊرشپ ۽ غريب عوام لاءِ جذبي ۽ احساس کي به ساراهيو ۽ چيو ته هن جهڙي طرح پاڪستان جي مدد ڪئي آهي ان جو ??ڪريو ادا ڪرڻ لاءِ لفظ ناهن. ايم ڊي آءِ ايم ايف سان پيرس ۾ ملاقات کانپوءِ وزيراعظم شهباز شريف، ناڻي واري وفاقي وزير کي آگاهه ڪيو هو. وفاقي وزير اسحاق ڊار پنهنجي معاشي ٽيم سان گڏجي ڏي??هن رات ڪوشش ڪئي ۽ ان سلسلي ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي. وزيراعظم پنهنجي معاشي ٽيم کي آءِ ايم ايف جي شرطن تي هر سوال جو ??واب ڏيڻ جي هدايت ڪئي هئي. انهن شرطن تي سوالن جي جواب?? سان آءِ ايم ايف معاهدو ٿيڻ جي راهه هموار ٿي. وزيراعظم ٻنهي ڌرين کي معاهدي تي متفق ٿيڻ ۾ ڪليدي ڪردار ادا ڪيو. وزيراعظم جي انهن ڪوششن ۽ رابطن سبب 3 ارب ڊالر جو ??سٽينڊ باءِ معاهدو ٿيو.